”جمهوريت جو ڏهاڙو مبارڪ هجي“، بلاول جي جواب تي ٽهڪڙو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي پارلياماني اجلاس کانپوءِ صحافين جي سوالن جيجواب ۾ جمهوريت جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني.بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ۽ شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي جمهوريت جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني، بلاول ڀٽو زرداري اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پارٽي جي ايڪشن پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ پارٽي پاليسي بابت هدايتون ڏنيون، ملاقات کانپوءِ ٻاهر نڪرندي صحافين سوال ڪيو ته اوهان ڇا پيا ڪريو؟ ٻئي پڇيو ته، ”توهان منصور علي شاهه کي خوشخبري ڏئي رهيا آهيو؟ جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري جواب ڏنو ته توهان کي جمهوريت جو ڏهاڙو مبارڪ هجي، جنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.