اسلام آباد(م ڊ) آئيني ترميمن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، تجويز ڪيل آئيني ترميمن ۾ 20 کان وڌيڪ شقون شامل آهن، ذريعن موجب تجويز ڪيل آئيني ترميمن ۾ آئين جي آرٽيڪل 51، 63، 175، 187 ۾ ترميمون شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان اسيمبلي جي نمائندگي وڌائڻ جي ترميم به شامل آهي، بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون 65 مان وڌائي 81 ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي، تجويزن ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 ۾ ترميم، اختلاف رکندڙ ميمبرن جا ووٽ، آرٽيڪل 63 ۾ ترميمون به شامل آهن، آئيني عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي آئيني عدالت ۾ ٿيندي، آئين جي آرٽيڪل 181 ۾ ترميم جو به امڪان آهي، آئيني عدالت آرٽيڪل 184، 185، 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي، هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ٻين صوبن جي هاءِ ڪورٽن ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن تي ٻڌل پينل ذريعي ٿيندي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن مان چيف جسٽس جي مقرري ڪندي، آئيني عدالت جي باقي 4 ججن جي مقرري به حڪومت ڪندي، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي کي گڏ ڪيو ويندو، آئين جو آرٽيڪل 181 ججن جي عارضي مقرري سان لاڳاپيل آهي.آئين جو آرٽيڪل 184 پاڻمرادو نوٽيس جي اختيار سان تعلق رکي ٿو.آئين جو آرٽيڪل 185 عدالتي فيصلي خلاف اپيلن سان سلهاڙيل آهي.آئين جو آرٽيڪل 186 صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي مشاورتي اختيار بابت آهي، آئين جو آرٽيڪل 63 پارليامينٽ جي ميمبر جي اهليت سان لاڳاپيل آهي.آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڊي فڪيشن ڪلاز آهي ۽ پارٽي سربراهه جي اختيار بابت آهي.آئين جو آرٽيڪل 51 مخصوص سيٽن بابت آهي.آئين جو آرٽيڪل 175 سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي جوڙجڪ ۽ ججن جي مقرري بابت آهي، آئين جو آرٽيڪل 175 اي سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري بابت آهي، آئين جو آرٽيڪل 187 مڪمل انصاف سان لاڳاپيل آهي.