اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڪي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، اسان جي ئي تجويز تي خاص ڪاميٽي ٺهي هئي. پي ٽي آءِ جو بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب خاص ڪاميٽي مان ٻاهر نڪري آيا. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب جو چوڻ هو ته خاص ڪاميٽي ان لاءِ ٺهي ته جيئن قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جي حقن تي ڳالهائي سگهجي، جيڪا آئيني ترميم هي آڻڻ چاهين ٿا ان جو ته هي مينڊيٽ ئي ناهي، مون هتي چيو آهي ته منٽس ۾ اها ڳالهه وجهو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي رڳو هڪ بسڪيٽ ۽ هڪ چانهه جو ڪپ ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هنن وٽ ڪا شئي ناهي ڳالهائڻ لاءِ اسان ساڻن ڇا ڳالهايون؟