جسٽس منصور علي شاهه جو رستو روڪيو پيو وڃي: عابد زبيري

اسلام آباد(م ڊ)ناليواري قانوني ماهر عابد زبيري چيو آهي ته وڪيل هن وقت ورهايل آهن،آزاد وڪيل ضرور مزاحمت ڪندا، آزاد عدليه جو جنازو نڪري رهيو آهي، حڪومت جو مک مقصد اهو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس نه بڻجي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته آرٽيڪل 175 اي ۾ ڪهڙيون ترميمون اچي رهيون آهن،مرضي جا چيف جسٽس بڻائڻ سان معاملا منجهي ويندا، هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي اتان بدلي ڪيو ويندو، انهن ججن ايجنسين جي مداخلت جو خط لکيو، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ اها سڄي راند کيڏي رهيون آهن،سپريم ڪورٽ جو آئيني حيثيت ختم ڪئي پئي وڃي، وڪيل اڳواڻ شهباز کوسي چيو ته حڪومت وٽ نمبر پورا ناهن،6 ججن خط لکيو ته مداخلت ٿي رهي  آهي پر ان تي ڪا به قانونسازي حڪومت ڪئي؟ عوام بجلي بلن تي رڙيون ڪري رهيو آهي ڇا ان تي ڪا قانون سازي ٿي؟ آئيني ترميمن بابت وڪيلن کي اعتماد ۾ ورتو ويو نه ئي ڪا خبر آهي ته انهن ۾ ڇا آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.