عدليه پاڻ کي سياسي پارٽي طور اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ڪرائي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عدليه کي نظريه ضرورت تحت پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ تحت  اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن ڪرائڻ گهرجي، لڳي ٿو آئيني ترميمن جي پئڪيج ۾ هڪ ٻي شق به شامل ڪرڻي پوندي، ان کان اڳ خواجا آصف چيو ته اپوزيشن کي آئيني سڌارن، ترميمن تي اعتراض ناهي، انهن کي رڳو ٽائمنگ تي اعتراض آهي، آئيني عدالت جو ميثاق جمهوريت ۾ به ذڪر آهي، نمبر گيم اسان جي حق ۾ آهي، آزاد اميدوارن سان به رابطا آهن، انهن مان ڪجهه آن بورڊ آهن، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ نمبر گيم پوري آهي، ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه خدشا هئا جن کي ختم ڪيو ويو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته يقيني بڻائي رهيا آهيون ته سمورين اتحادي جماعتن جا ميمبر اجلاس ۾ موجود هجن، مولانا ۽ اتحادي جماعتن کان علاوه به ڪجهه ووٽ آهن جيڪي ملندا ۽ اهي آئيني ۽ قانوني طور تي ڪنهن ٻئي جا پابند ناهن، هن چيو ته اميد آهي ته آئيني پئڪيج اڄ منظور ٿي ويندو، ان ترميم کانپوءِ پارليامينٽ جي ماحول ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ڪالهه اپوزيشن کي غيبي مدد آئي آهي ان جي باوجود اسان کي ڪاميابي ملندي، هن چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي ذريعي آئيني ترميم جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آئيني ترميم سمورن ادارن بابت هوندي ۽ اها ٿڌي هوا سڀني کي لڳندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.