رياست ۽ حڪومت جي پارٽنرشپ ٽٽڻ جو فيصلائتو مرحلو اچي ويو؟

اسلام آباد (عنيق نجي) وفاقي حڪومت ستين مهيني ۾ ئي مقبوليت ۽ ڪارڪردگي وڃائي چڪي آهي. آئيني ترميم کي اهو سمجهي پاس ڪرايو وڃي ٿو ته ڏکيائيون ختم ٿي وينديون پر اهو استحڪام  جيڪو 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ اچڻ گهرجي ها اهو نه آيو، جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ به اهو استحڪام نه آيو، مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن. استحڪام ناهي اچي سگهيو ته آئيني ترميم جي ڪاميابي سان به استحڪام وارو سوال برقرار رهندو. جيڪڏهن اها ترميم ٿي به وڃي ته ان کي چئلينج ڪيو ويندو ۽ استحڪام ايندو نظر نٿو اچي، اصل معاملو اهو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ڏسڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي ان کي سنڀالي نه پئي سگهي. هڪ پارٽنر ته ڪم ڪري ڇڏيو هاڻي اهو ٻئي پارٽنر ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته اهو پنهنجو ڪم ڪري. يعنيٰ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي بيانيي جو متبادل بيانيو تيار ڪري، انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ لاءِ سياسي قيادت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ عمران خان جي بيانيي جو مقابلو ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جو ڪم نه پر سياسي پارٽي، قيادت جو ڪم هو ته جوابي بيانيو تيار ڪري پر هتي ته ڪير به ناهي بيٺو. خبرون عام ٿي ويون آهن ته پارليامينٽ ۾ جيڪي شيون ٿيون، ان کانپوءِ ڪاوڙ آهي، ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ علاج ڪرڻ جي پهرين نشاني آهي ۽ هاڻي فيصلائتو مرحلو اچي ويو آهي. اصول ٽٽندا ته پوءِ اهو ئي کٽيندو جنهن وٽ بندوق هوندي آهي، جيڪڏهن بندوق وارو اچي ويو ته پوءِ نوان چئلينج اچي ويندا. ممڪن آهي ته کين اهو لڳندو هجي ته هنن کي پاسي تان هٽايون ته ماڻهن جي ڪاوڙ ته گهٽجي، جيڪڏهن اسان کي ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان ئي اچي ويهون. اهو خيال شدت سان پيدا ٿي ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 16 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.