ملڪ ۾ وڌندڙ غير يقيني واري صورتحال

تحرير: سڪندر چنو

جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف پويان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو عوام مضبوطي سان بيٺل آهي ۽ ان جي سوچ جيڪا تحريڪ انصاف جي حمايتي آهي ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. اضافي ٿيڻ جا هونئن ته ڪيترائي سبب آهن پر اهم سبب ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي بجلي، پيٽرول ۽ گئس جي قيمتن ۾ هر مهيني اضافو به آهي. جيڪڏهن اڄ به عوامي راءِ ورتي وڃي ته مقبول پارٽي ان عوامي راءِ ۾ سرخرو ٿيندي پر اها سياسي جماعت پنهنجي مرضيءَ سان اليڪشن به نٿي ڪرائي سگهي.

ڇاڪاڻ ته في الحال ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن. پر ان جي باوجود به ملڪ ۾ سياسي صورتحال اطمينان جوڳي ناهي. هر ماڻهو ڀلي اهو بزنيس مين هجي. استاد هجي، زميندار هجي، شاگرد هجي، سرڪاري ملازم هجي يا سياستدان هجي سڀ جو سڀ پريشانيءَ واري ڳڻتي ۾ ورتل آهي. ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن پر تحريڪ انصاف جي سوچ ۽ طاقت کي ختم نه ڪري سگهيو آهي. پارليامينٽ سان تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز کي گرفتار ڪرڻ سبب ملڪ جي عوام ۾ ڪاوڙ ۽ غصو پنهنجي جاءِ تي ضرور هوندو. پر قانون جي حڪمرانيءَ تي پڻ آڱريون کڄي رهيون آهن. ان عمل خلاف بلاول ڀٽو زرداري به وڏي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ آهي ۽ احتجاج ۾ تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آهي. ڇاڪاڻ ته پي پي اها واحد جماعت آهي جنهن جنرل ضياءَ آمر سان ٽڪر کاڌو ۽ ان ۾ سرخرو ٿي عوام آڏو آئي. ايم آر ڊي تحريڪ دوران جنرل ضياءَ جيترا پي پي جا جيالا شهيد ڪرائي پيو ان کان وڏي تعداد روز بروز جيالا مارشل لا آڏو بيهندي ڏٺاسين. ڏاڍ، جبر ۽ ڏنڍو عوامي راءِ کي ختم نٿو ڪري سگهي. اسين اهو به ڄاڻون ٿا ته آرمي چيف ملڪي معاشي بگڙيل صورتحال تي پريشان ضرور آهي پر هن وقت ملڪي صورتحال هڪ اسٽيلميٽ جو شڪار آهي ملڪ ۾ سياسي سرگرميون معطل ٿي رهيون آهن. ملڪ جي طرز حڪمراني جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي. بلڪل ائين جيئن ديڳڙي کي ڍڪ ڏيئي ۽ پوءِ ان کي ڏنڍو هنيو وڃي ۽ ديڳڙي جي اندر شيون تيار ٿينديون رهن. هن وقت صورتحال نارمل به ناهي. شيون في الحال پنهنجي جاءِ تي رڪيل آهن. ملڪ جو ڏاڍو نقصان ٿي رهيو آهي. چين پاڪستان کان پنهنجو قرض وٺڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت پاڪستان مٿان چين جو قرض 35 ارب ڊالر آهي. جيڪو قسطن ۾ ڏنو پيو وڃي. پاڪستان چين کان به مايوس ٿيو آهي. سعودي عرب به پاڪستان کي جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. دنيا جي صورتحال قيدي جي حمايتي ڏسڻ ۾ اچي ٿي نه تحريڪ انصاف ۾ ڪالچڪ اچي ٿي ۽ نه وري طاقت رکندڙ جي سوچ ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي.

ن ليگ ويڙهائڻ ۾ پوري آهي. ن ليگ نٿي چاهي ته قيدي ۽ آرمي چيف ۾ ڪو ٺاهه ٿئي. ٻنهي جي ويڙهه سبب عوام گهاڻي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. يقين ڪريو ملڪ في الحال بنگلاديش جي حالتن طرف نه پيو وڃي. پر ان ڳالهه کي به درگذر نه ڪرڻ گهرجي ته ڪو ملڪ ۾ ڪجهه نه پيو ٿئي. ملڪ ۾ مجموعي طور ڪجهه ٻيو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي صورتحال خطري طرف وڃي چڪي آهي. قومي سوچ وڏي انتشار جو شڪار بڻيل آهي. ٻنهي صوبن کي ٿڌو ڪير ڪري؟ ذميواري ن ليگ جي آهي پر اها به چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ڦاٿل هجي، ملڪي طاقتور ادارا نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ ڪونه پيا ڏين. ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن نواز شريف ملڪ مان نڪري ويو ته هو فوج خلاف ڳالهائيندو ۽ چوندو ته مون کي ملڪ ۾ گهرائي ڪوڙو آسرو ڏئي خوار ڪرايو ويو. اهم اجلاسن ۾ موجود ماڻهن جي چهرن کي ڏٺو وڃي ته صرف مايوسي ۽ غصي واري صورتحال نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته واقعي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي به آهي. ان سڄي معاملي جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي ورنه اهڙي ڪرب واري صورتحال ۾ اڃان ڪيترو گم هونداسين؟ تحريڪ انصاف جي گذريل جلسن سبب حڪمرانن جي وائڙائپ مان ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته تاتارين جي فوج ايندي هجي.

اسلام آباد کان تمام پري جلسي جي اجازت ڏني ويئي. پوءِ عوام رنڊڪن جي باوجود ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتو. ڪنٽينرن تي ڪروڙين روپيه خرچ ڪيو ويو. وزيراعظم جي هٿن مان گيم نڪري چڪي آهي. ان جي هٿ وس ڪجهه به ناهي ۽ هونئن به وزيراعظم ڪجهه ڪرڻ به نٿو چاهي. ڇاڪاڻ ته طاقت جو توازن ڪنهن ٻئي هنڌ آهي. جيڪڏهن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي توهان جي اندر ۾ جذبو آهي ته توهان ئي اڳرائي ڪريو. توهان ئي معاملي کي ٿڌو ڪريو. ملڪ خاطر ۽ عوام خاطر، ڳالهين ۾ اڳتي وڌڻ سان توهان کي ويڙهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪندڙ دشمن ظاهر به ٿيندو ۽ مايوس به ٿيندو. عوام آڏو توهان سرخرو ٿيندا. فوج ۾ هونئن به هڪ لفظ عام هوندو آهي ته ناڪاميءَ جي صورت ۾ ناڪاميءَ تي زور نه ڏيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف کي به سوچڻ گهرجي ته عوام ان سان گڏ ضرور آهي پر بنگلاديش واري صورتحال پيدا نه ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ سنگجاني وارو جلسو وڏو هو. پر اهڙا جلسا ته اڳ به ٿيندا رهيا آهن. عوام پنهنجي راءِ جو اظهار پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اندر اليڪشن ۾ ڏنو آهي. جماعت مشڪل حالتن مان گذري رهي آهي ۽ سندس باني جيل ۾ بند آهي. عمران خان جي ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي. هو چوي ٿو ته مري ويندس پر غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪندس. ڏٺو ويو آهي ته جدوجهد ۾ ماڻهوءَ به مرندا آهن پر ليڊر جو ڪم عوام کي سڌو رستو ڏيکاريندي تڪليفون برداشت ڪرڻ آهي. جيئن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو. برما جي عورت اڳواڻ آنگ سانگ سوچي ڪيترن ئي سالن کان وٺي جيل ۾ بند آهي. پاڪستان کي بي باڪ ۽ عوام جي هڏ ڏوکي ۽ ڪنهن جي غلاميءَ کان آزاد ليڊر جي ضرورت آهي. علي امين گنڊاپور جيڪو پندرهين ڏينهن ۾ عمران خان کي آزاد ڪرائڻ جي هام هنئي اها نه هڻڻ گهرجي ها ۽ ان بيان به غلط ڏنا. حڪمرانن کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن پڪڙ ڌڪڙ سان مسئلا حل ٿين ها ته جماعت ڪيترائي ڏينهن اڳ ختم ٿي چڪي هجي ها. پاڪستان ۾ ڪنهن کي چرچل ٿيڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ ڪا نازي جرمني حملو ناهي ڪيو. حڪومت جون سڀ حڪمت عمليون ناڪام ثابت ٿيون آهن. تاريخ جون ڪيل غلطيون اسان کي ياد ناهن. پر اسين ان مان پرائڻ جا به محتاج ناهيون عهدن تي ته کين ويهاريو ويو آهي پر ڳالهائڻ جو ڍنگ وٽن ناهي.

هاڻي ناٽڪ جاري آهي عقل جي ڳالهه ڪنهن کي ڪرڻي ناهي. فوج اندر جنرل آصف غفور جو مائينڊ سيٽ عوامي حمايت طرف مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو. هو آرمي چيف کي پرچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. جيڪڏهن جنرل آصف غفور کي  ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايو ويو پهريان ته سندس اهڙي پوسٽ لاءِ رستا روڪ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ٿيو به ته هو استعفيٰ ڏيندو ۽ پوءِ ڪا اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو. موجوده سياسي حالتن کي مد نظر رکندي ڌرين پاران لڳايل باهه کي وسائڻ لاءِ ڪي ڌريون وچ ۾ آيون آهن. ٻنهي پاسن کان ڪالچڪ پيدا ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ لڳل باهه نه وسائي ويئي ته پوءِ پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته مارشل لا لڳڻ جو انديشو تمام گهڻو هوندو. خواجه آصف چوي ٿو ته شهباز شريف ڪار جي ڊگي ۾ پاڻ کي لڪائي اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجواه سان ملڻ ويندو هو. بحرالحال ملڪ جي صورتحال تيزيءَ سان بي يقيني طرف وڃي رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.