اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر احسن ڀون چيو آهي ته پارليامنٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار آهي، اسان لاءِ قاضي فائز عيسيٰ سميت سمورا جج قابل احترام آهن پر ڪنهن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئني ترميم نه ڪئي وڃي. پنجاب بار ڪائونسل ۾ مختلف بار ايسوسيئيشن جي نمائندن پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. پريس ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شهزاد شوڪت، پنجاب بار جي وائيس چيئرمين بابر وحيد ۽ لاهور بار جي صدر منير ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت چيو ته ڪورٽ فيس ۾ گهٽتائي سٺي ڳالهه آهي پر اها ٿيڻ ئي نه گهرجي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر احسن ڀون چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين پارليامنٽ ۾ قانون سازي تي واويلا مچائي آهي، اسان ڪنهن سياسي پارٽي سان گڏ ناهيون، اڻڌريا آهيون. هن چيو ته اڃا تائين آئيني پئڪيج سامهون ناهي آيو، ڪهڙي ڳالهه ڪجي، آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف قانونسازي ٿي نه ٿي سگهي، جيڪي ماڻهو سپريم ڪورٽ بار تي تنقيد ڪن ٿا اهي هميشه ڊڪٽيٽر سان گڏ رهيا آهن.