آئيني پئڪيج ۾ فضل الرحمان جا مطالبا منظور

اسلام آباد(ابصار عالم)ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ واري ترميم نه پئي اچي؟ ذريعن موجب هڪ آئيني عدالت بڻائي ويندي،جنهن جي چيف جسٽس جو مدو ٽي سال هوندو، سپريم ڪورٽ مان ئي ڪنهن جج کي آئيني عدالت جو چيف جسٽس بڻايو ويندو، ڪنهن به چيف جسٽس کي مدي ۾ واڌ نه ڏني ويندي، عدليه ۾ سڌارن جو مولانا فضل الرحمان  جو مطالبو تسليم ڪيو ويو آهي، ڪجهه ميمبر ٻاهرين ملڪ ترسيل آهن، سندن واپسي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويندو،جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ پنج ججن جا نالا حڪومت وٽ ويندا انهن مان ڪنهن هڪ کي چونڊيو ويندو، اها مقرري پارلياماني ڪميٽي ڪندي يا حڪومت پاڻ ڪندي ان تي اڃا فيصلو ٿيڻو آهي، چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ جي عمر بابت ڳالهيون اڃا هلي رهيون آهن، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقررين بدلين واري قانون ۾ ”صلاح مشوري سان“ وارو لفظ ختم ڪيو ويندو جنهن بعد هاءِ ڪورٽ جي جج کي ملڪ اندر ڪٿي به مقرر ڪري سگهبو،جنهن بعد هڪ سياسي جماعت جي محبت ۾ گرفتار ججن کي مختلف هنڌن تي مقرر ڪيو ويندو،ان سڄي قانون سازي جو سبب ملڪ ۾ انصاف ۾ دير آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو دٻاءُ آهي، آئيني ڪيس وڌيڪ هئڻ ڪري عام ماڻهو کي انصاف ملڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، ان ڳالهه تي پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽيون هڪ آواز آهن،عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي وري يحيٰ خان پارٽ ٽو قرار ڏئي رهيو آهي،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ماضي ۾ داخل ڪيل صدارتي ريفرنس تي اڳوڻي صدر عارف علوي معذرت ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته عمران خان به حڪومت وڃائڻ بعد ڪيترائي ڀيرا ان قدم کي غلطي قرار ڏئي چڪو آهي پر هاڻي وري هن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حملا شروع ڪري ڏنا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.