ڪراچي ( رپورٽر) ڪرنسي نوٽ مان موهن جو دڙو جي تصوير هٽائڻ تان ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي خط لکي ڇڏيو آهي، ثقافت کاتي پاران اسٽيٽ بئنڪ جي اهڙي فيصلي تي تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي معاملي تي غور ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.خط ۾ چيو ويو آهي ته 10 رپين واري نوٽ تي 1970ع ۾ به موهن جو دڙو جي تصوير موجود هئي، بعد ۾ 20 رپين جي نوٽ تي موهن جو دڙو جي لڳائي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب معلوم ٿيو آهي ته هاڻي 20 رپين جي نوٽ مان موهن جي دڙي جي تصوير هٽائي باب خيبر جي تصوير لڳائي وئي آهي. موهن جو دڙو نه رڳو تاريخي پر يونيسڪو جي عالمي ورثي واري ماڳ پڻ آهي، جيڪا هڪ اعليٰ ۽ شاندار تهذيب جي نشاني آهي. موهن جو دڙو دنيا جي قديم ترين شهري آبادين مان هڪ آهي، خط ۾ چيو ويو آهي موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻي تاريخي تهذيب جو وارث آهي، اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جي ڪرنسي نوٽن تي موهن جو دڙو موجود آهي، سنڌ ۽ پاڪستان جي هن شاندار ثقافت کي نون نوٽن تي نظر انداز ڪرڻ درست نه هوندو، اميد ته اوهان ان معاملي تي ضرور غور ڪندا.