ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف 19 سيپٽمبر تي ڀرپور احتجاج ٿيندو: جي ڊي اي

ڪراچي(رپورٽر) جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، لياقت جتوئي،غلام  مرتضيٰ جتوئي سان سندس رهائش گاھ تي ملاقات ڪئي ۽ سندس عيادت ڪئي،ملاقات دوران ملڪ خاص طور سنڌ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ملاقات ۾ ارسا قانون م ترميمون ڪري سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف 19 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاء حڪمت عملي جوڙي وئي، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياءَ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي عوام کي ڪوڙن ڪيسن ڌمڪين  سان هراسان ڪري سنڌ کي وڪرو نٿو ڪري سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.