ڇا به ٿئي آئين ترميم تي خاموش نه ويهنداسين: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ  ڪئي آهي ته نئين آئيني ترميم ذريعي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن طريقي سان ترميم ٿي رهي آهي، ڄاڻي وٺو اسين خاموش نه ويهنداسين، ڪالهه اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته اسپيڪر جي مرضي کانسواءِ ماڻهن کي پارليامينٽ مان کڻي سگهجي ٿو، اڄ اسان سان جيڪو ٿي رهيو آهي، سڀاڻي انهن سان به ٿي سگهي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم الزام لڳايو ته شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سزا ٿيڻ واري آهي، اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه کيس بچايو، راڻا ثناءُ الله تي منشيات جو ڪيس اي اين ايف ٺاهيو، جنهن جو سربراهه ميجر جنرل آهي، مون اي اين ايف سربراهه کي فون ڪيو، هن ڪابينا کي بريفنگ ڏني ۽ راڻا ثناءُ الله ڪيس جا ثبوت پيش ڪيا، پي ٽي آءِ باني چيو ته هو پارٽي کي روڊن تي آڻڻ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن، ڪجهه به ٿئي، 21 سيپٽمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.