بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر يونس چيو آهي ته جيڪڏهن هندستان شيخ حسينا کي بنگلاديش جي واپسي جي مطالبي تائين پاڻ وٽ روڪي رکڻ چاهي ٿو ته اُن کي خاموش رهڻ جي شرط تي عمل ڪرڻو پوندو آهي. اھا ڳالھھ ھن ھڪ انٽرويو ۾ ڪئي آھي.
ھن وقت هندستان ۾ شيخ حسينا جي اڻ ڄاڻايل مدي تائين قيام ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن کي قائم رکڻ جي ڪوشش کي پيچيدا بڻائي رھيو آھن.
پنهنجي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر يونس بنگلاديش ۾ اپوزيشن پارٽين سان رابطي نه ڪرڻ تي ھندستان تي به تنقيد ڪئي.هن چيو ته هڪ بيانيئو ٺاهيو ويو آھي ته بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي هجي يا ڪا ٻي، سڀ انتها پسند آهن، اهي ۽ اھي ملڪ کي افغانستان بڻائي ڇڏيندا ۽ بنگلاديش رڳو شيخ حسينا جي هٿ ۾ محفوظ آهي هندستان ان بيانئي کان متاثر ٿيو آهي.
شيخ حسينا جي حڪومت جي خاتمي وقت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي ۽ شڪي انتها پسندن طرفان اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿيو هو.ھندستان اڳ به هندن تي حملن جي رپورٽن تي ڪيترائي ڀيرا ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي. گذريل ڪجهه هفتن ۾ مختلف مقامي مزارن تي ڀڃ ڊاهه جا واقعا پيش آيا آهن.بنگلاديش ۾ سني مسلمانن جو غلبوآهي، ۽ سخت گير مزارن ۽ مقبرن کي اسلام مخالف سمجهن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مسلمان انتهاپسند بنگلاديش ۾ ٻيهر قدم ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ته اها دهلي لاءِ خطري جي گھنٽي هوندي.
گذريل ڪجهه هفتن ۾ هڪ سزا يافته شدت پسند کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ، 9 شڪي بنياد پرست گذريل مهيني جيل مان فرار ٿي ويا هئا، جن مان 4 کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو.پابندي مڙهيل تنظيم انصارالله بنگلا ٽيم جو سربراهه جسم الدين رحماني گذريل مهيني ضمانت تي جيل مان آزاد ٿيو هو.شيخ حسينه جي حڪومت 2016 ۾ ان گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو.