شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي پونئرن سنڌ جي صوفي فقيرن ۽ درگاهن جي سار نه لڌي!

تحرير: سعيد احمد ڪوري

ذوالفقار علي ڀٽو صوفي فقيرن ڏانهن جام ايندو هئو، اُتي درگاهن تي وڃي حاضري ڀري فقيرن کان صحت ۽ ڪاميابي لاءِ دعائون گهرائيندو هو انهن دعائن سبب ڀٽو صاحب ڪيترائي ڀيرا وقت جو حڪمران رهيو. اڄ به هو تاريخ جي ورقن ۾ زنده آهي. ان ئي فڪر ۽ مشن سان سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو به خوب نڀايو، محترمه پنهنجي دور ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنسون ڪرائيندي هئي، صوفي فقيرن جي صوفياڻي محفلن ۾ شريڪ ٿي فقيرن کي خوب داد ڏيندي هئي پر هاڻي ڀٽي صاحب جي مشن تي ڪم ڪندڙن لاءِ صوفي فقيرن کي شڪايت آهي.ان دور ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ درويش جمعو فقير رهندو هو، جيڪو اکين جي چوڌاري  سرمي جا ليڪا پائي گڏهه تي چڙهي پالتوڪتن سان گڏ گهمندو هو ان سان ڀٽو صاحب جڏهن لاڙڪاڻي ايندو هو ته ضرور ملاقات ڪندو هو، ملاقات دوران فقير سان کِل ڀوڳ به ڪندو هو ته فقيريِ رنگ مان به لطف اندوز ٿيندو هئو ٻيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب ادبي ميڙاڪا ڪرائيندو هئو،جنهن ۾ شاعر،طالب الموليٰ ۽ دادن فقيرکي گھرائيندو هو ۽ فنڪارن ۾ سليمان شاهه ، ديدار فقير اسراڻ وغيره گھرائي وڏا پروگرام ڪرائيندو هو. سڄي لاڙڪاڻي جا فقير ، صحبتي ۽ محبتي اچي پروگرام ۾ شرڪت ڪندا هئا. لاڙڪاڻي ريجن جي تقريبن سڀني صوفي درگاهن تي ڀٽو صاحب ويندو هئو جنهن ۾ حاڪم شاهه وارن جي درگاهه تي ڀٽو صاحب ويو اتي پڻ سيد حاڪم شاهه کان دعا گھريائون ۽ درگاهه جي چانهه جي پيالي ۽ پاڻي جي سبيل به پيتي هئي، جتي ڪجهه وقت فقير سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو رهيو ڪارڪنن جي بيچينيءَ کي ڏسي ڀٽي صاحب اهو جملو چيو هي اهي جايون، درگاهون آهن جتي روح کي حقيقي سڪون ملندو آهي.

ايئن ئي جڳ مشهور صوفي درگاهه جانڻ چن سائين موندر لاکا واري وٽ به ڊيوٽي ڪئي، فقير سان خوب ڪچهري ڪئي دعائون گھرايون ڀٽي صاحب 200 (ٻه سو) ايڪڙ زمين جا گھاڙ واهه تي فقير جانڻ کي تحفي طور به ڏنا هئا، ان وقت جي ڪليڪٽر فقير کي سروي نمبر ڪري لکي ڏنا هئا پر صوفي فقير جانڻ چنرحه ﷲ لوڪ انسان هئو جنهن دنيا کي فنا ۽ اصلي زندگيءَ کي بقا سمجھندو هو جنهن اهي 200  (ٻه سو ) ايڪڙ اتان جي غريب عوام ۾ ورهائي ڇڏي هئي ان سان گڏ محترمه بينظير به فقير جانڻ  چن جي درگاهه تي فقيرن جي رهائش لاءِ ڪوارٽر اسڪيم ڏني هئي جيڪي ڪوارٽر اڄ به موجود آهن.

ڀٽو صاحب تعلقي نصيرآباد ڳوٺ سنهاڻي جي جڳ مشهور صوفي بزرگ  فقير قربان تنيو سان ملڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ملڻ لاءِ آتا هئا، پر ڀٽي صاحب ۽ فقير قربان جي ملاقات نه ٿي سگھي ڀٽي صاحب جڏهن به نصيرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ايندو هئو ته فقير قربان جي پڇا ضرور ڪندو هئو، فقير قربان ﷲ لوڪ فقير هئو، ڪڏهن عشق جي سفر ۾ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. هونئن به هي سڄي دنيا عاشقن جي آهي. فقير قربان تنيو به درويش صورت هئو، ڪڏهن به ڀٽي صاحب جي بنگلي تي نه ويو، ان خيال سان ته متان دنيا وارا فقير کي لالچ جهڙي تهمت هڻن ۽ فقير قربان علي تنيو هي شعر چيو ته

پيٽ ٽنگهي پنهنجو، ويس نه ڪنهنجي در، جيڪو پني ٻين کان اهو يار ڪبو ڇا؟

مطلب ڀٽي صاحب ۽ فقير قربان جي ظاهري ملاقات نه ٿي سگهي اوچتو وقت جي جابر جنرل ضياءَ ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏياري جنهن تي فقير قربان تنيو تمام گھڻو غم زده ٿي هن شعر جي صورت ۾ ڏک جو اظهار ڪيو

لک لک مبارڪ ذوالفقار تو کي.

شهادت جو رُتبو مليو يار تو کي.

صوفي فقيرن ۽ ڀٽي صاحب جي ايڏي وڏي گهري تعلق کي برقرار رکڻ لاءِ موجوده پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جون تقريبن صوفي درگاهون ترقياتي ڪمن ۽ سالياني ميڙا ڌام ڌوم سان ملهائڻ کان محروم آهن، ڪجهه درگاهن تي فقيرن کي رهڻ لاءِ ڪا به خاص سهولت موجود نه آهي ٻئي طرف ثقافت کاتي کان پڻ شڪايت آهي جيڪو فقيرن جي درگاهن کان لاتعلق آهي. 1988ع ۾ اليڪشن دوران نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پ پ پ جا عهديدار ساڻ ڪري ڳوٺ سنهاڻي ۾ فقير قربان جي درگاهه تي پهتا، ان وقت فقير پپر (وڻ) هيٺان خيال عشق ۾ مشغول ويٺا هئا ته نثار کهڙو فقير قربان تنيو کان دعا ڪرائي، جنهن جي طفيلي نثار کهڙو وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. جيڪو اڃ تائين پ پ پ جو اهم ڪارڪن ۽ سنڌ جو صدر پڻ آهي، پر افسوس جو ڪيترائي ڀيرا درگاهه سنهاڻي جي گادينشين فقير سڪندر علي تنيو سان نثار کهڙي درگاهه تي اچڻ ۽ روح رهاڻ ڪرڻ جا واعدا ڪري اڄ تائين نه اچي سگھيا آهن، نه ئي درگاهه جي سار لڌي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.