اميد علي صفا اڻ پڙھيل ھئو، وٽس کٽارا اسڪوٽر ھئو ،جنھن تي سوار ٿي ڳوٺان ٻانڌي شھر پھچندو ھئو ،پنھنجو دوڪان کولي ويھي رھندو ھئو، ھي 1970 جي ڏھاڪي جي ڳالهه آھي ، شھر ۾ خراب ريڊيا ٺاھڻ وارا ٻه ٽي مستري ھئا پر ھئا سڀ جڳاڙي، انھن ۾ ھڪڙو اميد علي به ھئو، اميد علي جمالي جو دوڪان به عجيب ھئو ،ھر پاسي پراڻا ريڊيا، انھن جا عضوا، ڀڳل ٽٽل لائوڊ اسپيڪر، پراڻا ٽيپ رڪارڊ، پراڻا سيل، پراڻيون بيٽريون، کوکا، ۽ ان قسم جو ٻيو سامان ٽڙيل پکڙيل ھوندو ھئو، اميد علي سڄو ڏينھن پراڻن ريڊين کي پيو ٺاھيندو ھئو، پوءِ الائي اميد علي کي ڇا سجھيو جو ھو چار پنج ريڊين جا پرزا گڏائي نوان ريڊيا ٺاھيندو ھئو ، انھن جون ڊکڻ کان باڊيون به ٺھرائيندو ھئو.
اميد علي ھڪ بي چين روح ھوندو ھئو، پر سندس زندگي جو گھڻو وقت دوڪان ۾ گذرندو ھئو جيڪو سندس روزگار جو واحد وسيلو ھئو. ھڪ ڏينھن شھر ۾ عجيب واقعو ٿيو جو ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جي اسٽيشن تي اميد علي جو آواز گونجڻ لڳو، ماڻھو پريشان ٿي ويا، اميد علي جي آواز ۾ وري عجيب حرڪتون ريڊيو ته ٻڌڻ لاءِ مليون، اميد علي ٻه ٽي ڏينھن اھڙيون حرڪتون ڪندو رھيو، نيٺ ھڪ ڏينھن پوليس چونڪي وارا کيس جھلي ويا، تڏھن اسان جو ھڪ معتبر چاچو قادر بخش جمالي پوليس چونڪي تي پھچي اميد علي ان ضمانت تي ڇڏائي آيو جو ھو ٻيهر اھڙي ڪا به حرڪت نه ڪندو، ٿاڻي مان آزاد ٿي اميد علي ايترو دل برداشته ٿيو جو دوڪان ئي بند ڪري ڇڏيو.
ان زماني ۾ اڃا ايف ايم ريڊيو ايجاد نه ٿيا ھئا پر حقيقت ۾ اميد علي پھريون ايف ايم ريڊيو. ان زماني ۾ ٺاھيو، تڏھن اھا ڳالهه ڪنھن کي به اميد علي جي سائنس سمجهھ ۾ نه آئي ھئي. 2008 ۾ قائم ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ خيرپور جي آغا وقار پاڻي تي گاڏي ھلائڻ جو تجربو ڪيو ھئو، حامد مير سان پروگرام رڪارڊ ڪرائيندي ھو ڪلاڪ ڏيڍ اسلام آباد جي روڊن تي مھراڻ ڪار پاڻي تي ھلائيندو رھيو پر وڏا وڏا سائنس دان چوڻ لڳا ته آغا وقار ڪوڙ پيو ڳالهائي ، تڏھن اوچتو آغا وقار لاپتا ٿي ويو، ٻه ٽي ڏينھن غائب رھڻ کان پوءِ خورشيد شاھ جي ضمانت تي آزاد ٿيو ، کيس سي اين جي پمپ جي لائسنس ڏيئي کائنس جان ڇڏائي وئي.
ھاڻي تازو جاپان ۾ پاڻي تي گاڏي ھلائڻ جو تجربو ڪامياب ٿيو آھي. ڏوھ اميد علي ۽ آغا وقار جو نه پر ڏوھ ان سماج جو آھي جتي اميد علي ۽ آغا وقار جھڙا سائنس دان جنم وٺن ٿا پر شايد ھن سماج ۾ سندن سنڌي ھجڻ سڀ کان وڏو ڏوھ آھي.