اڄ جا انڌا اونڌا ويڄ، ڪوس گهر ۽ غير معياري علاج جون وڌندڙ دانهون

روزاني عوامي آواز  اهو محسوس ڪندي ته ميڊيا جا رپورٽر  واقعاتي خبرن کان پوءِ  جيڪي گهڻي مان گهڻيون  خبرون رپورٽ ڪن ٿا سي تعليم ۽ صحت جي مسئلن تي هونديون آهن تنهن ڪري اخبار  ۾ تعليم ۽ صحت جا روز خاص باڪس ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته جيئن وڌ کان وڌ لاڳاپيل وزارتن ۽اختيارين جو ايڏانهن ڌيان ڇڪائجي. تعليم جي حوالي سان ته ويجهڙ هڪ ٻه ايڊيٽوريل لکي چڪا آهيون اڄ صحت جي مسئلن بابت واسطيدار  وزارت ۽ کاتي جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اها ڀلا ڪنهن کي خبر ناهي ته زندهه رهڻ جو دارو مدار سٺي صحت تي هوندو آهي ۽ بيماري موت ڏانهن وڌندڙ قدم هوندو آهي تنهن ڪري ماڻهن جي بيماري جو علاج ڪرائڻ رياست جي اولين ذميواري سمجهي ويندي آهي، سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جون حڪومتون عوام کي مفت علاج مهيا ڪنديون آهن ۽ صحت جي معاملي کي اوليت ڏينديون آهن پر اسان وٽ تعليم هجي يا صحت سڀ کان خراب ڪارڪردگي ۽ نظر اندازي انهن اهم شعبن ۾ ڏٺي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ پ پ جي سنڌ حڪومت  وڏن شهرن ۾ڪجهه وڏيون اسپتالون قائم ڪيون آهن  پر مجموعي طور تي سنڌ ۾ اسپتالن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اسان وٽ اسپتالن کي ” ڪو س گهر “ چيو ويندو آهي..اسان جي اسپتالن جا ڪيترائي مسئلا آهن. اسپتالن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ  جي وڏي دانهن ٿيندي رهي آهي.  ننڍا شهر ۽ ڳوٺ  ته ٺهيو وڏين  وڏين اسپتالن ۾ مريض جي بسترن جي کوٽ ڄاڻائي ويندي آهي جنهن ڪري مريضن کي اسپتالن ۾ به داخل ناهي ڪيو ويندو ته بيڊ خالي ناهن. وينٽيليٽرن جي به کوٽ هوندي آهي ڪراچي جي هڪ ٻارن جي اسپتال ۾ اڪثر ڪري اهو چئي جواب ڏنو ويندو آهي ته ٻار کي ڪنهن ٻي اسپتال ۾ کڻي وڃو  هتي وينٽيليٽر جي کوٽ آهي. بسترن نه هئڻ ڪري مريض کي سندن مائٽ ٻاهر اسپتالن جي فٽ پاٿن ۽ خالي ميدانن تي رلهيون ۽ چادرون وڇائي سمهاري  ڇڏيندا آهن.

غير معياري علاج  جون به شڪايتون هاڻي ڪالم شڪار آهن.  غلط ۽ بر وقت علاج نه ٿيڻ ۽ مريضن جو خيال نه ڪرڻ سبب اهي گذاري ويندا آهن. عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته ڊاڪٽرن ۽ اسپتال عملي جي غير سنجيدگي ۽ غفلت سبب چڱو  ڀلو مريض مري وڃي ٿو  تنهن ڪري اهڙين اسپتالن کي ڪو س گهر چيو ويندو آهي جتي مريض علاج  لاءِ نه پر  ڪسڻ لاءِ وڃي ٿو .اهو الميو  به پنهنجي جاءِ تي  وڌندو وڃي ٿو ته اسپتالون ۽ ڊاڪٽر هاڻي ”مرض“  سڃاڻڻ جي صلاحيت به نٿا رکن.  مرض به تمام گهڻا آهن مرض هوندو ته علاج وري ٻيو ٿيندو.  اها ڪا معومولي ڳالهه ناهي پر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.  هڪ مريض ڪراچي جي هڪ تمام وڏي اسپتال جي پئنل تي هو، ڪجهه به ٿيندو  هيس ته ان اسپتال جي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندو هو جتي هر ڀيري سندس سڀ ٽيسٽون ايڪسري الٽراسائونڊ  وغيره ٿيندو هو  آخري ڏينهن ۾ به جڏهن اهو مريض اسپتال ويو ته کيس  چيو ويو ته  نيرو جو  مسئلو اٿس  پر جڏهن  هن کي وات مان الٽي آئي ته  پوءِ  سڀني کي پهريون  ڀيرو  خبر پئي ته همراهه کي ڪو  جيري جو پراڻو  مرض هو.  سو  مرض کي نه  سڃاڻي سگهڻ جو مسئلو  ته تشويش ناڪ آهي.

عام طور تي ڊاڪٽرن جو چوڻ هوندو آهي ته مريض ۽ اسان پاڻ ڄاڻون، وارثن جو اسپتال ۾ موجود هئڻ ضروري ناهي پر حقيقت وري ان جي ابتڙ آهي.  هاڻي جيسيتائين مريض يا ان جا وارث پاڻ نظر  نٿا رکن، پنهنجي اک نه ٿا پٽن ته علاج  ئي غلط ٿي وڃي ٿو. وارث نه هجن ته اک جي مريضن جو ڄنگهه  جو آپريشن ٿي ويندو آهي، هڪ دل جي مريضه آمريڪا پنهنجي ڀاءُ وٽ وئي ان دل جي اينجيو پلاسٽي ڪرائي هئي. ان ڊاڪٽر ڀاءُ سندس ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو ورتو ته مٿي تي ٻئي هٿ رکي چيائين ته   تو کي ته دل جي بمياري هئي نه، غلط علاج توکي دل جو مريض بڻائي ڇڏيو هو

ٻيو اهي به شڪايتون عام هونديون آهن ته ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي عملي جو مريضن ۽ ان جي اٽينڊنٽس سان انتهائي تذليل  جوڳو هوندو آهي  باوجود ان جي ته اهي اسپتالون  ۽ ڊاڪٽر  انهن مريضن جي ڪري ڪمائيندا آهن پر پنهنجي  ڪمائي جي وسيلن جو قدر ناهن ڪندا اهڙا واقعا به اڻ ڳڻيا آهن. تنهن ڪري اسان  صحت جي وزارت کي اها به تجويز  ڏينداسين ته اسپتالن  ۾ مقرر ڊاڪٽرن ۽ ان جي عملي کي ميڊيڪل جي تعليم سان گڏ اخلاق جا ڪورس به ڪرايا وڃن ته مريضن ۽ ان جي اٽينڊنٽ سان رويو ڪيئن ڳالهائجي..

ناقص ۽ جعلي دوائن جو الڳ مسئلو آهي، ٻيو وري ايتريون مهانگيون جو جو ماڻهو علاج ڪرائڻ کان توبهه ڪري ٿو ڇڏي. حياتي بچائڻ جون دوائون ئي مهانگيون ڪري ڇڏجن ته ان جو مطلب ڇا سمجهجي؟ اڄ جي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي عملي کي ٻيو ته ڇڏيو نه ڪينولا  ٿي هڻڻ اچي، نه رڳ  ٿي لڀين، نه ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ  ٿو ڏسڻ اچين .سو ڀٽائي صاحب چواڻي انهن انڌن اونڌن  ويڄن  جيڪي ظلم ڪيا آهن تن خلاف  جيڪر  ايف آءِ آر  داخل ڪرائجن جن جي مجرماڻين حرڪتن سبب مريض مري وڃن ٿا. بظاهر موت ته هڪ فرد جو  سمجهيو  ويندو آهي  پر  حقيقت ۾ اهو سندن پونئرن جو موت هوندو آهي.

سو هتي ماڻهوءَ  جي زندگي جي ڪا اهميت ناهي رهي.  اڄ جي دور ۾ سولي ۾ سولو ڪم مرڻ ئي آهي ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم جيئڻ آهي. عام طور تي چوندا آهن  ته زندگي کي موت ايندو آهي پر  اسان چئون ٿا ته اصل ۾ موت ۾ زندگي آهي،  بيماريون  به موت جون سهولت ڪار آهن.  اهڙي ڳڻتي جوڳي صورت حال  جو  ڇا اسان جي ملڪ جي صحت جي وزارت کي ڪو اونو ناهي، اسان جا حڪمران  ۽ وزير  جيڪي پاڻ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويندا آهن سو ان حقيقت جو ثبوت آهي  ته اهي پنهنجي ملڪ جي اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ علاج مان بلڪل به مطمئن ناهن، بس اهي ڪوس گهر غريب ۽ بي بس عوام جو مقدر  آهن. ڪاش صحت جو ڪڏهن ڪو  اهڙو  وزير اچي جيڪو عوام جي صحت کي بهتر بڻائڻ جو چيلنج قبول ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.