نئون ديرو مان اغوا ٿيل 3 پورهيت راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ غلام شيخ جي جڪ وٽان  مڇي مارڻ دوران اغوا ٿيل 3 ڄڻن سڪندر ميربحر، سليمان ميربحر ۽ ديدار ککراڻي بازياب ٿي ويا. ٽنهي مغوين کي بااثرن جي ڊيل تحت ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائڻ بابت علائقي جي سماجي اڳواڻ محمد علي ککراڻي ابڙو پاران تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿيل ٽنهي مغوين کي  پوليس ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو سان ملائڻ جي بهاني وٺي ٽنهي مغوين کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي گذريل ڏينهن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد مان ٽن جي اغوا واري اطلاع تي ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي جي اڳواڻيءَ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، آر آر ايف ٽيمن ڪچي وارن علائقن دوسو دڙا، تاجوديرو، جهمٻر شيخ وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري ٽنهي مغوين کي بنا ڪنهن نقصان جي 24 ڪلاڪن اندر بحفاظت ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.