عالمي بحرانن ۾ ڦاٿل رياست ۽ هڪ ئي حل تي اٽڪيل سُئي

تحرير: شھاب اوستو

 لڳي ٿو ته حڪومت کي رياست ۽ سماج کي متاثر ڪندڙ هر بيماريءَ لاءِ ’فوجي حل‘  ۾ پختو يقين پيدا ٿي ويو آهي. ڪا عجب جي ڳالهه ناهي ته فوج جا نقش قدم هر شعبي ۾ وڌندي نظر اچي رهيا آهن، چاهي اها پاليسي جوڙڻي  هجي يا وري ان تي عملدرآمد جي ڳالھھ ھجي.

بنيادي حڪومتي ڪم ڪار جي آئوٽ سورسنگ (ڪم ٺيڪي تي ڏئي ڇڏڻ يا ڪنھن ٽين ڌر کان ڪرائڻ) جو عمل سالن کان معمول رهيو آهي، پر اهو تسلسل سياسي استحڪام، اقتصادي جٽاداري يا اندروني سلامتي يا علائقائي امن آڻڻ  ۾ ناڪام رهيو آهي. هن وقت اهو ڪيئن ٿيندو، جڏهن رياست عالمي بحرانن جي ڀنور ۾ ڦاٿل نظر اچي رھي آھي؟

تاريخي طور تي، عسڪريتي عمل ان وقت  اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن عالمي  ۽ ميونسپل قانونن ۽ رسمن کي سامراجي يا قومپرست عزم جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت حاصل هئي. مثال طور، هٿياربند فوج سلطنت جي تعمير جي منصوبن لاءِ اهم هئي.جڏھن ڌاريان ملڪ فتح ڪري بادشاهت لاءِ عزت ۽ مال غنيمت حاصل ڪيائون. پر بعد ۾، انساني سماج ڪيترن ئي ارتقائي سنگ ميلن جي ذريعي ترقي ڪئي، جنهن ۾ روشن خيالي، سڌارن جي عمل، صنعتي انقلاب، سياسي آزادي، بالغن جي ووٽ، ۽ آئين جو ٺھڻ شامل آهن، هڪ قومي جمهوري رياست جو تصور جڙيو ۽ هٿياربند فوج ڪردار، قومي سلامتي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن بابت آئين ۾ حدون مقرر ٿيون.

ان جو مطلب اهو نه هو ته رياست جو فوجي حصو غير لاڳاپيل ٿي ويو. ان جي ابتڙ، طاقتور ترين جمهوريتون وڏيون فوجي طاقتون رهيون. بھرحال سندس فوج سول ڪنٽرول هيٺ رکيل هئي.حقيقت ۾، رياست جي نوعيت، ڪردار ۽ ڪمن ۾ هڪ ’ڪورس اصلاح‘ ٿي چڪي آهي.اھو پهرين يورپ ۾ ۽ پوءِ اتر آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي پڻ ٿيو . جديد رياست هاڻي وچين دور جي اڪيلي ڍانچي تي بيٺل نه رهي آهي، پر ڪيترن ئي تصوراتي ۽ ساختي حصن جو مجموعو آهي،جهڙوڪ مقرر علائقائي حدون، هڪ نمائندا سياسي نظام، شهرين جي سياسي خودمختياري، اختيارن کي ورھائڻ ، شهري بالادستي، ۽ قانون.اداري جي ڪمن جي درجا بندي تي ٻڌل قانون ان جا حصا آھن.

قانون جي بنياد تي، نمائندا سياسي انتنظام، پرامن ۽ سڌي ريت اقتدار جي منتقلي ۽ هٿياربند فوجن تي سويلين ڪنٽرول ھن وقت  فعال جمهوريت جون اھي ٽي  خصوصيتون آهن. اولهه کان علاوه ٻين ترقي پذير ملڪن جي ميزباني، خاص طور تي لاطيني آمريڪا ۽ ايشيا ۾  ڪاميابيءَ سان اهڙيون جمهوري پاليسيون قائم ٿيون آهن.

بدقسمتي سان، اسان، هڪ رياست ۽ سماج جي حيثيت ۾، اڃا تائين هن ڊگهي مدت جي سڌاري کي اثرائتي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان جي سياسي ۽ رياستي اشرافيا رياستي ماڊلز  جي زنگ آلود ۽ تباهيءَ واري نموني سان سلھاڙيل آهي.جنھن جي نتيجي ۾ آئيني ،معاشي ۽ سماجي شعبن بابت سول۽ فوجي مرڪزن جي وچ ۾ بي ترتيب ۽ اڻ ٺھڪندڙ تڪرارن ۽ ناڪامين جو هڪ سلسلو پيدا  ڪيو آهي.

اسان جي نصاب جو سڌارو  1950ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيو، جڏهن اسان جي نئين نويلي جمهوريت جا بنيادي ڪارناما سڀ کان پهرين سياستدانن جي تڪراري اداري جي هٿن مان نڪري هڪ منظم فوجي بيوروڪريٽڪ طاقت جي اڏي تي ترڪڻ لڳا.

اهو درست آهي ته سويلين  جي ناڪامي  ۽ انھن جي پاڻ ۾ ويڙھ ،ڇڪتاڻ، دشمني، اقربا پروري ۽ موقعي پرستي سبب ٿي. پر اتاولن جنرلن به پنهنجو هٿ چڱيءَ طرح صاف ڪيو هنن اولھھ سرپرستن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ’ريڊ اسڪر‘ ۽ ’هندستان دشمني‘ کي ’سيڪيورٽي‘ رياست ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو. اهڙيءَ طرح، ڪجهه ’سولائيزڊ‘ وقفن کي ڇڏي، فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح رياست ۽ حڪمرانيءَ تي غلبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب  رھي آهي.

بهرحال، ملڪ کي ان بي ترتيب  عمل جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آھي. ان جو اڌ حصو ڀائپي واري ويڙهه ۾وڃايو ويو ۽ باقي اڌ حصو عملي طور تي ورڇ واري سياست، ٽٽل ڦٽل معيشت، وڌندڙ تشدد ۽  مايوسي جو شڪار شهري آهن. ان کي هڪ اهڙي قيادت جي گھڻي ضرورت آهي جيڪا موقعي تي کڙي ٿئي ، هڪ نئون ويزن ٺاهي سگھي، پنهنجي فڪري ۽ سياسي اثاثن کي سگھارو ڪري ۽ سماج کي خوف ۽ نااميدي مان ڪڍي سگهي.

افسوس، مرڪزي ڌارا جي قيادت ، جيڪا اٽڪل چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ قومي سياست تي غالب رھي چڪي آهي .نااميد ۾ ورهايل آهي. ستم ظريفي ھي آهي ته سياسي ورهاست جون پاڙون  ڪنھن ڪنھن نا قابل  مصالحت نظرياتي يا تصوراتي اختلاف ۾ نه آهي. درحقيقت، حريف قيادت وسيع پئماني جي اقتصادي ۽ سياسي بنيادن تي هڪ اڻ چٽو اتفاق راءِ قائم ڪيو آهي. مثال طور، ٻنهي نيو لبرل معاشي ايجنڊا جي خوبين کي قبول ڪيو آهي ۽ ٻنهي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ لاءِ وڌيڪ ’ قبوليت جوڳي‘ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي هو طاقت جو ’حقيقي‘ سرچشمو سمجهن ٿا.

انهن جي گڏيل دشمني رڳو اسٽيبلشمينٽ سان انهن جي لاڳاپن جي حقيقت ۾ ڳولي سگهجي ٿي. جڏهن ته حڪمران اتحاد اسٽيبلشمينٽ جي نظام کي آئوٽ سورس ڪرڻ کان پوءِ اقتدار جي خوشگوار دور مان مزو ماڻي رهيو آهي، ان جي اصل حريف پي ٽي آءِ، پنهنجي باني جي ’انقلابي‘ بيان بازيءَ جي باوجود متحرڪ معطليءَ جي حالت ۾ آهي. اها طاقتن سان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ميل ميلاپ واسطا پنهنجا دروازا کليل رکيا آهن، جيڪو پاڻ کي موجوده حالت مان ڪڍڻ لاءِ ڪيو ويو آھي.اھو سومل جي سٽ جيان منجھيل آھي، ادارتي، ڍانچي ۽ سڃاڻپ ۽ عقيدي بابت مسئلا  جيڪي ‘فوجي حل’ کان ٻاهر آهن. ان کي پنهنجي آئيني نظام کي پنھنجي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ گهرجي. صرف هڪ حقيقي نمائندا، صاف سٿرو، احتساب ڀريو ۽ جائز سياسي انتنظام يا سسٽم ئي سياسي جٽاداري، عوامي حفاظت، معاشي ترقي ۽ سڀ کان وڌ جديد دور جي  سياستدانن جي نئين نسل جي شروعات ڪري سگهي ٿو. پراڻن برانڊن کي ري سائيڪل ڪرڻ ۽ ٻيهر  استعمال ڪرڻ وارا خيال ڪم جا نھ رھيا آھن. صورتحال گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.

شروعات ڪرڻ لاءِ، سياسي قيادت کي ان ڳالھھ کي دفن ڪرڻ گھرجي ۽ فوري ڳڻتي جي گهٽ ۾ گهٽ ٽن شعبن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سڀ کان پهريون،پوئتي ويندڙ معيشت، جيڪا عام شهرين کي خطرناڪ طرح متاثر ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ويڳاڻپ  ڏانھن ڌڪي رھي آهي. ٻيون،ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف، خاص ڪري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ جتي ماڻھو رياست جي گمراھي وارين پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رھيا آهي. آخري ڳالهه ھي آهي ته عدليه جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر حملي جي زد ۾ اچي وئي آهي.آزاد ججن جي طاقت کي ”گهٽائڻ“ ۽ هڪ تعميل ڪندڙ ۽ عمل کان خالي عدليھ قائم ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي.

ايئن نه ٿئي ته اسان اهو وساري ويهون ته قومن جي عروج ۽ زوال  جو عمل پنهنجي سياسي قيادت جي هٿ ۾ ھوندو آھي. اسان جو ملڪ به پنهنجي چوٽي تي بيٺو آهي. اچو ڏسون ! ته اسان جي سياسي قيادت جي ڏاهپ ۽ حوصلو ان مان نجات حاصل ڪري ٿو يا انهن جي بزدليءَ ۽ موقعي پرستيءَ ملڪ کي گھيري ۾ آڻي ٿي وجھي.

(ڊان جي ٿورن سان )

 لڳي ٿو ته حڪومت کي رياست ۽ سماج کي متاثر ڪندڙ هر بيماريءَ لاءِ ’فوجي حل‘  ۾ پختو يقين پيدا ٿي ويو آهي. ڪا عجب جي ڳالهه ناهي ته فوج جا نقش قدم هر شعبي ۾ وڌندي نظر اچي رهيا آهن، چاهي اها پاليسي جوڙڻي  هجي يا وري ان تي عملدرآمد جي ڳالھھ ھجي.بنيادي حڪومتي ڪم ڪار جي آئوٽ سورسنگ (ڪم ٺيڪي تي ڏئي ڇڏڻ يا ڪنھن ٽين ڌر کان ڪرائڻ) جو عمل سالن کان معمول رهيو آهي، پر اهو تسلسل سياسي استحڪام، اقتصادي جٽاداري يا اندروني سلامتي يا علائقائي امن آڻڻ  ۾ ناڪام رهيو آهي. هن وقت اهو ڪيئن ٿيندو، جڏهن رياست عالمي بحرانن جي ڀنور ۾ ڦاٿل نظر اچي رھي آھي؟تاريخي طور تي، عسڪريتي عمل ان وقت  اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن عالمي  ۽ ميونسپل قانونن ۽ رسمن کي سامراجي يا قومپرست عزم جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت حاصل هئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.