ڪراچي ( پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته هن ملڪ ۾ پاڻي ٺاھه هجن يا وسيلن جي ورڇ هجي يا سنڌ جا پيدا واري وسيلا هجن انهن جي هميشه بيدردي سان لٽمار ڪئي وئي آھي ۽ سڀني ٺاهن جي توهين ڪئي وئي آھي، جڏھن ته پنجاب 1945 جي پاڻي ٺاھه تي عمل نه ڪيو 91 جي ٺاھه تي پنجاب عمل نٿو ڪري ته نئون ٺاهھ ڪهڙو ٺاهيو پيو وڃي، اهڙي خيال جو اظھار جسم سربراهه، رياض علي چانڊيو ڪياماڙي ضلعي جي مشرف ڪالوني مواڇ ڳوٺ ۽ اولھه ضلعي خميسا ڳوٺ ۾ 22 سيپٽمبر تي رٿل احتجاجي مظاهرن جي سڄاڳي مهم کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ۽ پ پ جون جيڪي به ترقياتي منصوبن پاڻي سميت تيل گئس متعلق فيصلا آھن اهي سنڌ جي تباھه لاءَ آھن اهي سنڌ جي ترقي لاءَ ناهن سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل لاءَ جيڪو فيصلو ٿيل آھي ان لاءَ ليٽر ڪڍڻ لاءَ تيار ناهي هاءَ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءَ تيار ناهي ته ڪاروجهر اسان جو قومي ورثو آھي پر ڪارونجهر جي بربادي سنڌو درياهھ جي تباهي ڪينجهر ڍنڍ گورک هل جبل پهاڙ توهان کي لٽائڻا آھن ته پوءَ 22 تاريخ تي پرپور احتجاج ٿيندو.