نئين وبا جي خطري بل گيٽس جي راتين جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي

مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس ڊگهي عرصي کان ماڻهن کي مختلف مسئلن جهڙوڪ موسمياتي تباهي، سائيبر اٽيڪ ۽ ٻين جي حوالي سان خبردار ڪري رهيو آهي.
پر هڪ شئي اهڙي آهي جيڪا بل گيٽس جي راتين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندي آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران هن ٻڌايو ته اڄوڪي دور ۾ تمام گهڻي بدامني سبب هڪ وڏي جنگ ڇڙي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اسان هڪ وڏي جنگ کان بچي وياسين ته به ايندڙ 25 سالن دوران هڪ عالمي وبا کي منهن ڏئي سگهون ٿا.
هڪ نئين عالمي وبا جو خيال بل گيٽس جي راتين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندو آهي.
تحقيقي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختلف عنصرن جهڙوڪ موسمياتي تبديلين ۽ آبادي ۾ واڌ سبب موجودا دور ۾ نين وبائن جو خطرو وڌي ويو آهي.
بل گيٽس موجب، سوال اِهو ناهي ته ايندڙ وبا ڪڏهن ظاهر ٿيندي پر اِهو آهي ته دنيا ڪووڊ 19 کانپوءِ هاڻ نئين وبا لاءِ ڪيترو تيار آهي؟
2022 ۾ بل گيٽس هڪ ڪتاب ۾ چيو هو ته ڪووڊ وبا دوران آمريڪا سميت مختلف ملڪ ڪنهن به وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا، هن ڪتاب ۾ نئين وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون به ڄاڻايون آهن.
جيتوڻيڪ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي پر بل گيٽس موجب، اڃا به ان معاملي تي عالمي ردعمل ناڪافي آهي.
هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ڪووڊ وبا دوران اسان ڪجهه سکيو آهي پر اهو اڃا به منهنجي اميد کان تمام گهٽ آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو ايندڙ پنجن سالن دوران حالتون بهتر ٿي وڃن پر اڃا سڀ ڪجهه گهڻو حيران ڪندڙ آهي.
بل گيٽس تي ٺاهيل دستاويز سيريز ۾ به بل گيٽس ان حوالي سان تفصيلي ويچار ونڊيا آهن، سيريز ۾ بل گيٽس ۽ آمريڪا جي مشهور طبي ماهر ڊاڪٽر انٿوني فائوچي کي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر انٿوني فائوچي تسليم ڪيو ته آمريڪا جهڙن امير ملڪن جي ذميواري آهي ته سڄي دنيا ۾ بيمارين جي روڪٿام لاءِ وسيلا ورهايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.