سنڌ ۾ مفت سولر سسٽم، صدر آصف زرداري اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مفت سولر سسٽم جي فراهمي جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
صدر آصف علي زرداري سان وڏي وزير مراد علي شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير محمد بخش خان مهر به موجود هئا.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ جاري ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس کي بلاول ڀٽو جي هدايتن تي سنڌ ۾ سولر پروگرام جي شروعات تي به بريفنگ ڏني وئي، آصف زرداري گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ سولر سسٽم پروگرام وڌائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.