ٻه کان ٽي مهينا اهم، منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ٻه کان ٽي مهينا اهم قرار ڏيندي وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻه کان ٽي مهينا وفاقي حڪومت لاءِ اهم آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر صوبائي حڪومتون قائم رهنديون.
هن چيو ته جنهن ڏينهن پ پ جي سپورٽ ختم ٿيندي، ان ڏينهن شهباز شريف مصيبت ۾ هوندو، پي ٽي آءِ باني جو ڪو مستقبل نه پيو ڏسان، عالمي قوتون چاهين ٿيون ته عمران خان جيل مان نڪري.
معاشي صورتحال جي حوالي سان منظور وساڻ چيو ته جڏهن عوام چاهيندو معاشي صورتحال درست ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.