چين ۽ ويٽنام کانپوءِ ”ياگي“ جي ٿائلينڊ ۽ ميانمار ۾ تباهي

ايشيا جي هلندڙ سال جي سڀ کان طاقتور طوفان ياگي جون تباهيون جاري آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب سامونڊي طوفان چين، فلپائن ۽ ويٽنام کانپوءِ هاڻ ٿائلينڊ، لائوس ۽ ميانمار ۾ تباهيون شروع ڪيون آهن.
ياگي طوفان سبب ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تيز برساتن، خطرناڪ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب خطي ۾ لکين ماڻهو متاثر آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب هزارين گهر ٻڏي ويا آهن، جنهن سبب لکن جي انگ ۾ ماڻهو اسڪولن جي عمارتن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو بجلي کان به محروم آهن.
طوفان انفرا اسٽرڪچر کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ميانمار ۾ ٻوڏ سبب 19 ڄڻا ۽ ٿائلينڊ ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو بي گهر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.