ڪرپشن الزام ۾ 2 ٽريزري ملازم جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

حيدرآباد (رپورٽر) نيب پاران ٽريزري ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽريزري ملازم احسان ابڙو ۽ اياز ابڙو  کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ٻن ٽريزري جي روپوش ملازمن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، 2016ع ۾ نيب ٽريزري ۾ رٽائرڊ ملازمن جي جي پي فند جي رقم ھڙپ ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ھو، ريفرنس ۾ 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ھو، ٽريزري جا ٻه ملازم احسان الله ابڙو ۽ اياز ابڙو عدالت ۾ پيش نه ٿيا. جيڪي روپوش ھئا، نيب ٽيم ڪارروائي ڪندي ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪالهه احتساب عدالت جي ڪورٽ نمبر 1 ۾ پيش ڪيو. عدالت ٻنھي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي نارا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم بعد جوابدارن کي نارا جيل اماڻيو ويو، ريفرنس ۾ نامزد 2 جوابدار فوت ٿي چڪا آھن، 2 عدالت ۾ پيش ٿيا ھئا ۽ 2 روپوش ھئا. جن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته احسان ابڙو پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو انفارميشن سيڪريٽري پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.