خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽ: ارشد ٻگھيو) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، ماڏو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ قمبر ڀرسان زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ 28 ورهين جي نوجوان علي حسن کوهارو تي هٿياربندن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب نوجوان موقعي تي قتل ٿي ويو، اطلاعن تي ماڏو ۽ ڪي اين شاهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪي اين شاھ آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، نوجوان جي والد اقبال کونهارو ٻڌايو ته زرعي زمين تي هر ڪاهي رهيا هياسين ته ھٿياربندن منهنجي پٽ کي بيگناهه گوليون هڻي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.