ملير (ڊ ر) سکڻ ٿاڻي جي حد بختاور ڳوٺ ۾ گهر جي ٽانڪي مان ماءُ ۽ ٻن ڌيئرن جا لاش هٿ ڪيا ويا، سکڻ ٿاڻي جي حد بختاور ڳوٺ گهٽي نمبر 3 ۾ گهر جي ٽانڪي مان هڪ عورت ۽ سندس ٻن معصوم ڌيئرن جا لاش هٿ آيا، جن جي سڃاڻپ 5 ورهين جي يسراءَ، ٽن ورهين جي رباب ۽ 35 ورهين جي شمائلا زال علي نواز طور ٿي، واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن پهچي سندن لاش ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس واقعي کي آپگهات قرار ڏيندي چيو آهي ته عورت جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، هن پنهنجي ڌيئرن کي ٻوڙي مارڻ بعد پاڻ به ٽانڪي ۾ ٽپي ۾ ٽپي هڻي آپگهات ڪيو آهي، هو اڳ به اهڙو قدم کڻي چڪي هئي، پوليس موجب ٻارن جو پيءُ ڪٻاڙ واري جو گاڏو هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهي.