سيڪيورٽي ناڪامي، سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ چار اهلڪار معطل

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ( م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ اندران ميمبرن جي گرفتارين تي ايڪشن وٺندي غير ذميواري ۽ سڪيورٽي ۾ ناڪامي تي سارجنٽ ايٽ آرمز اشفاق اشرف کي چئن مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ ۾ سڪيورٽي ۾ ناڪامي تي ٻين چئن سڪيورٽي اهلڪارن کي به معطل ڪيو آهي. معطل ٿيلن ۾ سڪيورٽي اسسٽنٽ وقاص احمد، 3 جونيئر اسسٽنٽ سڪيورٽي عبيدالله، وحيد صفدر ۽ محمد هارون شامل آهن. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي، جنهن جو ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي جو سربراهه هوندو. قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف ميمبرن جي پارليامينٽ هائوس مان گرفتاري جي معاملي جي جاچ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو. قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان لکيل خط ۾ پارليامينٽ هائوس مان پي ٽي آءِ ميمبرن جي گرفتارين جي حوالي سان جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اياز صادق گهرو وزارت کان 7 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزارت ۾ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.