ملڪي توانائي بحران جو واحد حل ٿرڪول آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٿرڪول ذريعي پاڪستان جو ڊگهي مدي لاءِ توانائي جو مسئلو حل ٿي ويندو.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان پشاور جي صحافين جي وفد ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران شرجيل ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ حڪومت خلاف پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي، پر هاڻي هن دوري سان صحافي دوستن کي پتو پوندو ته سنڌ حڪومت ڪيترو ڪم ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت توانائي بحران مان گذري رهيو آهي، پاڪستان کي توانائي بحران مان ڪڍڻ جو واحد حل ٿرپارڪر جو ڪوئلو آهي.
سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ٿرڪول تي ڪم شروع ڪيو، سندس حڪومت ختم ٿيندي ئي ڪم بند ڪيو ويو، 2008 ۾ صدر زرداري شيهد بي بي جي ويزن تحت ٿرڪول تي ڪم شروع ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.