اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي گرفتار اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا.
بئريسٽر گوهر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ وفد گرفتار ساٿين جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر سان چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.
بئريسٽر گوهر چيو ته توهان گذريل ڏينهن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين جاري ناهن ٿيا، توهان ڪالهه زباني چيو هو، اڄ لکت حڪم نامي لاءِ آيا آهيون.
پوءِ پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اياز صادق گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هو سڀاڻي ايوان ۾ ايندا.
You might also like