اياز صادق جو پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين جي جاچ لاءِ گهرو وزارت کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف ميمبرن جي پارليامينٽ هائوس مان گرفتاري جي معاملي جي جاچ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان لکيل خط ۾ پارليامينٽ هائوس مان پي ٽي آءِ ميمبرن جي گرفتارين جي حوالي سان جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اياز صادق گهرو وزارت کان 7 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزارت ۾ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي حوالي سان مشاورت جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.