آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي بجلي واهپيدارن لاءِ رليف ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب جو بجلي بلن ۾ رليف حتمي انجام تي نه پهچي سگهيو، اسلام آباد جي بجلي واهپيدارن لاءِ 14 رپيا في يونٽ جو رليف ختم ڪيو ويو.
پنجاب حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي اسلام آباد جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت تي 14 رپيا في يونٽ سبسڊي واپس وٺي ڇڏي.
اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب اسلام آباد جي واهپيدارن کي سيپٽمبر مهيني ۾ رليف نه ملندو، جڏهن ته بلنگ سافٽ ويئر ۾ تبديلي لاءِ به حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي علائقي جي واهپيدارن کي سيپٽمبر مهيني جا بجلي بل پهرين جولاءِ جي اگهن موجب جاري ٿيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيسڪو کي اڃا تائين آگسٽ ۾ ڏنل رليف جا پئسا به ناهن مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.