وڏي وزير جو ترقياتي رٿائن بابت اهم بيان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏجي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي روڊن جي اڏاوت ۽ نيڪال واري نظام کي ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا.
قائدِ اعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، برساتن دوران روڊن کي نقصان پهتو آهي، ميئر ڪراچي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ميئر ڪراچي شهر جي روڊن جي تعيمر ڪرڻ چاهي ٿو، شهر ۾ پاڻي جي نيڪال وارو نظام هر صورت ۾ ٺيڪ ڪرڻ چاهيون ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ملڪ جي اندروني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، اسان اندروني سازشن کي اتحاد سان ختم ڪنداسين.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڻي واري مسئلي تي ڪيئي ڀيرا سنڌ اسيمبلي ٺهراءَ پاس ڪيا، ڪالاباغ ڊيم خلاف به سنڌ اسيمبليءَ ڪيئي ٺهراءَ پاس ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.