قائدِ اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي، صدر ۽ وزيراعظم پاران ڀيٽا پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي مسلمانن لاءِ ڌار رياست قائم ڪري ننڍي کنڊ جو نقشو تبديل ڪري انگريز ۽ ڪانگريس کي اڪيلي شڪست ڏيندڙ تاريخ ساز شخصيت ۽ پاڪستاني جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ورسي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
تقريبن دوران قوم جي باني کي شاندار خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
قائداعظم محمد علي جناح مهاتما گانديءَ ۽ پنڊت جواهر لال نهروءَ جهڙن سياستدانن کي سياسي ميدان ۾ مات ڏني، لارڊ مائونٽ بيٽن جي ناپاڪ ارادن اڳيان لوهي ڀت جيان بيٺل رهيو، پنهنجن جون شڪايتون ختم ڪيون ۽ کين پاڪستان جي جدوجهد ۾ شامل ڪيو.
قائداعظم پهريان گانگريس سان گڏ آزادي جي جدوجهد ۾ گاندي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو پر جڏهن احساس ٿيو ته ورهاڱي کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي ته مسلمانن لاءِ ڌار رياست لاءِ ڏينهن رات محنت هڪ ڪري ڇڏيو.
آزادي بعد وکريل پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح آخري حد تائين ڪوششون ڪيون پر زندگي وڌيڪ موقعو نه ڏنو.
پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي لاڏاڻي کان اڳ قومي جي نالي پيغام ۾ مستقبل جو رستو، هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ته اوهان جي ملڪ جو بنياد رکيو ويو آهي، هاڻي اوهان جو فرض آهي ته هن جي تعمير ڪريو.
قائداعظم محمد علي جناح 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
صدر ۽ وزيراعظم پاران ڀيٽا پيش
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي سندس 76هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
قائداعظم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته قائد اعظم جي اصولن تي عمل ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائي سگھجي ٿو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ متحد ڪيو.
قائداعظم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي تاريخ ۾ قائداعظم محمد علي جناح ناليوارو سياستدان هو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.