اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊ ۾ جمع ٿيل رقم گهري ورتي.
ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز فنڊز بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي چار رڪني بئنچ ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس شاهد بلال پڻ شامل هئا.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته اسان هڪ متفرق درخواست داخل ڪئي آهي، ڊيمز فنڊ جا پئسا وفاق ۽ واپڊا کي ڏنا وڃن، سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ اسٽيٽ بئنڪ اڪائونٽ کوليو هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڊيمز فنڊز ۾ ڪيترا پئسا آهن، جنهن تي واپڊا جي وڪيل چيو ته اٽڪل ويهه ارب رپيا ڊيمز فنڊ ۾ موجود آهن.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته اِهو ڪيس شروع ڪيئن ٿيو؟ جنهن واپڊا جي وڪيل ٻڌايو ته ته سپريم ڪورٽ واپڊا جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن دوران 2018 ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، سپريم ڪورٽ جي ڊيمز فنڊز عملدرآمد بئنچ 17 ٻڌڻديون ڪيون.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته واپڊا جا ٻيا به ڪيئي منصوبا هوندا، ڇا سپريم ڪورٽ واپڊا جي هر منصوبي جي نگراني ڪندي آهي؟
واپڊا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊيمز جي اڏاوت واري معاملي تي پرائيويٽ ڌرين وچ ۾ به تڪرار هئا، سپريم ڪورٽ پرائيويٽ ڌرين جي تڪرار لاڳاپيل عدالتن بدران پاڻ وٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا، اسان جي استدعا آهي ته پرائيويٽ ڌرين جي تڪرارن جو نبيرو لاڳاپيل عدالتي فورمز تي ئي ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊز ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪندي چيو ته اِهو مناسب آهي اڳوڻو اٽارني جنرل خالد جاويد ۽ انور منصور کي مدد لاءِ طلب ڪيو وڃي، ڊيمز فنڊز ڪيس جي عدالتي مددگار مخدوم علي به مدد لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي.
عدالتي حڪمنامي ۾ چيف جسٽس لکيو ته ڊيمز فنڊز جي رقم سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ رکڻي آهي يا نه؟ ڪيس ۾ طئي ڪنداسين، عملدرآمد بئنچ جو اختيار آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي؟ سپريم ڪورٽ کي پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ جو اختيار نه آهي.
جسٽس عرفان سعادت جو چوڻ هوته پهريان پنج رڪني بئنچ ڪيس ٻڌي چڪي آهي، اسان جي بئنچ چار رڪني آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي چار رڪني بئنچ جي آڏو ڪيس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، اسان نظرثاني ناهيون ڪري رهيا، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پنج رڪني بئنچ به ٺاهي سگهون ٿا.
Prev Post
You might also like