علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد ۾ ئي رکي پڇاڻو ڪيو ويو

اسلام آباد (فخر دراني) گذريل ڏينهن گرفتاريون ٿيون ۽ علي امين گنڊاپور بابت چيو  ويو ته کيس مختلف هنڌن تي رکيو ويو آهي پر علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد ۾ ئي رکيو ويو هو ۽ کانئس سخت پڇاڻو ڪيو ويو. هاڻي علي امين گنداپور وڌيڪ وقت وڏو وزير نه رهندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن معاهدو ڪيو هو ته هو رياست خلاف ڪجهه نه ڪندا پر علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن جي ڪري ايڪشن ورتو ويو. کين 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ به هڪ چڪاس هئي ۽ هاڻي کين سختي سان منهن ڏنو ويندو. رياست ۽ حڪومت طرفان هاڻي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. حڪومت جو رويو عدليه جي ڪري نرم هو. جنرل (ر) فيض حميد کان جاچ آخري مرحلي ۾ آهي پر هن وقت تائين جنرل (ر) فيض حميد طرفان ڪو وڪيل سامهون ناهي آيو. هن وقت جنرل (ر) فيض حميد جا گهرڀاتي پريشاني ۾ مبتلا آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 11 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.