ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ڪالاباغ ڊيم کان به خطرناڪ آھي: سسئي پليجو

ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته حڪومت طرفان سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم جي حوالي سان حڪومتي وزير مصدق ملڪ پاران ڪيل تقرير مڪمل ڪوڙ تي ٻڌل آھي، جيڪا ھڪ صوبي جي خواھش جي پرچار محسوس ٿي آھي. ھن چيو ته وزير صاحب کي پاڻي ورھاست بابت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آھن، اھي غلط آھن، ھن چيو ته ن ليگ جي ھي پاليسي وفاق خلاف آھي، پاڻي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ وفاقي فورم نه پر صوبائي ۽ آئيني فورم سي سي آءِ آھي، جنھن کان مٿاھون ٿي فيصلا ڪيا پيا وڃن ۽ ليگي ترميم ته ھونئن ئي غير جھموري ۽ غير آئيني آھي، جنھن کي اسان رد ڪري چڪا آھيون، ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ڪالاباغ ڊيم کان خطرناڪ آھي، جنھن کي سنڌ جا ماڻھو، اسيمبلي، ماھر، آبادگار، ھاري ۽ سياستدان ان ترميم کي رد ڪري چڪا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.