علي امين گنڊاپور تقرير تي معافي وٺي ڇڏي،مڇ،مٿو ڪوڙڻ جا اطلاع؟

اسلام آباد(اعزاز سيد+عمران شفقت)اسلام آباد واري جلسي جو اسٽيبلشمينٽ پاران 10 سيپٽمبر تي ردعمل اچي ويو،پي ٽي آءِ جا ڪيترا ئي ايم اين ايز گرفتارين جي ڊپ کان پارليامينٽ اندر ويهي رهيا،ڪالهوڪو واقعو پارليامينٽ جي توهين هئي، جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ به پارليامينٽ لاجز ۾ ايم اين ايز جون گرفتاريون ٿي چڪيون آهن،جڏهن ته علي امين گنڊاپور اسلام آباد ۾ ئي ترسيل هو، هن کي هڪ ٽيليفون ڪال هئي، ڪوهسار ڪمپليس ۾ مضبوط آءِ ايس آءِ جي آفيس آهي، اتي کيس گهرايو ويو،ويندي ساڻ هن جا فون ورتا ويا، ذريعن موجب علي امين گنڊاپور  انٽيليجنس جي آفيسرن کان معافي ورتي آهي،هو صبح چار وڳي تائين اتي موجود رهيو، ٽي چار سينئر فوجي آفيسر هن سان مليا،هن جي سٺي مهمان نوازي ڪئي وئي، جنهن بعد هو منظرعام تي ناهي آيو،افواهه آهن ته هن جي اڌ مڇ ۽ اڌ مٿو ڪوڙيو ويو آهي،پر ان جي اڃا تصديق ناهي ٿي،پارليامينٽ ۾ علي محمد خان جذباتي انداز ۾ هڪ پراثر تقرير ڪئي،ٻئي پاسي علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي  اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ته ميمبرن سوال ڪيو ته ڪالهه رات توهان ڪٿي هئا؟ علي امين چيو ته معمول جي اجلاس ۾ هئس، جيمرز سبب رابطو نه ٿي سگهيو، چيو ته جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي ان تان پوئتي نه هٽندس،نه معافي گهرندس،ڪالهه رات ڪنهن به زبردستي نه ويهاريو هو،  علي امين گنڊاپور ته سخت زبان استعمال ڪئي،پر ان جي موٽ ۾ رياست به ساڳيو ئي طريقو اختيار ڪيو،علي امين کي گرفتار نه ڪيو ويو،هن کي ”اداري“پاران گهرايو ويو،هن کي چيو ويو ته توهان جو لب لهجو ٺيڪ نه هو، رياست ۽ حڪومت کي به هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، باقي رياست جو پيغام پي ٽي آءِ کي پهچي ويو،گنڊاپور جي اسلام آباد واري خطاب ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي رضامندي شامل هئي، سياستدانن کي سول ملٽري بيلنس اختيار ڪرڻو پوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 11 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.