ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جي ڊگري بابت ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري بابت ايف آءِ اي انڪوائري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.انڪوائري خلاف درخواست ڪراچي بار جي صدر امير نواز وڙائچ داخل ڪئي هئي. عدالت ايف آءِ اي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ڊگري بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيئرمينز ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنهن به قسم جي اشاعت کان روڪي ڇڏيو. عدالت پيمرا کي فيئرمينز ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪا به اشاعت نه ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي ان فيئر مينز ڪميٽي ۽ سنڊيڪيٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري کي غير موثر قرار ڏنو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جون سفارشون ۽ سنڊيڪيٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.