اسلام آباد(رپورٽر/ م ڊ) سينيٽ ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪندي چيو ويو ته سنڌ طاس معاهدي بابت صوبائي حقن تي هي ٽيون حملو آهي، صوبائي حقن سلب ڪيا پيا وڃن، ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ تجويز ڪيل تبديلين تي سنڌ صوبي جي خدشن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌو درياءَ تي اڏاوت کان اڳ ئي ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي گهٽجي چڪو آهي، جيڪو صوبو متاثر ٿي رهيو آهي، ترميمن بابت سڀ کان پهرين ان کان ته پڇيو وڃي، صوبائي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، سڄي صوبي جي عوام جا حق کسيا پيا وڃن. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، سنڌو درياهه جي چوڌاري اڏاوتون ڪيون پيون وڃن.هن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي وفاقي ڍانچي ۾ وڏو مسئلو آهي، جيڪو صوبو متاثر ٿي رهيو آهي ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي، گورننس جي موجوده ڍانچي کي وفاقي حڪومت جي ماتحت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته سنڌ ۾ يا ته برسات پوندي يا وري ڏڪار هوندو آهي، اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، اهڙيون حرڪتون ڇو ڪيون پيون وڃن، اهڙيون حرڪتون آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ کي ڄاڻي واڻي محروم ڪري رهيا آهيو، توهان کي خبر آهي ته سنڌ اسيمبلي ان خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو آهي.ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميم تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ايوان ۾ ڳالهائيندي ضمير گهمرو چيو ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جو مسئلو 1935ع کان آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل هن وقت تائين واپڊا تي ڪنٽرول نه ڪيو آهي. اها اڄ به هڪ صوبي جي ڪنٽرول ۾ آهي، هن چيو ته ارسا ايڪٽ جو ڪم پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي، ارسا جي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سي سي آءِ ۽ صوبائي حڪومت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، 1945ع واري معاهدي تحت سنڌ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي برابري جي ورڇ هئي. سي سي آءِ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو هڪ هڪ ميمبر ۽ پنجاب جا چار ميمبر آهن.ڄام سيف الله چيو ته چيو وڃي ٿو ته پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته پوءِ چوندا آهن ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي، سنڌ ۾ پنج پنج سال ڏڪار هوندو آهي، پاڻي نه هئڻ ڪري 7 کان 8 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، 10 لک ايڪڙ زمين متاثر ٿيندي آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جو مقصد آهي ته آمراڻي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه مڃرايو، اهڙي حساس معاملي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ آبپاشي واري وزارت غير آئيني وزارت آهي، سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين.