”علي امين تقرير ۾ گٿا لفظ استعمال ڪيا“بئريسٽر سيف به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اهڙي تقرير نه ڪرڻ گهربي هئي پر ان تي جيڪو حڪومتي ردعمل آهي اِهو به صحيح ناهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف چيو ته علي امين گنڊاپور کي تقرير نه ڪرڻ گهرجي ها، ماڻهو تجربي مان سکندا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ان تي معذرت ڪري چڪو آهي.
صوبائي صلاحڪار چيو ته رات دير سان علي امين سان رابطو بحال ٿيو پر تفصيلي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي سگهي، رات ئي وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته ٻه ماڻهو ساڻس گڏ هئا انهن ٻنهي جا به فون بند هئا.
بئريسٽر سيف چيو ته جهموري حق نه ملندا ته پوءِ جلسن ۾ تقرير جذباتي انداز ۾ ٿيندي آهي، ڪارڪنن جي جذبن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ليڊر جو تقرير پوليٽيڪل گروپ ڊائنامڪس هوندي آهي، تقرير ۾ ڪجهه گٿا لفظ استعمال ڪيا ويا.
هن چيو ته جيڪڏهن اعتراض جوڳا لفظ استعمال ڪيا ويا ته ان لاءِ به قانون موجود آهي، ڊيفاميشن لا 7 ٻيا قانون آهن جنهن تحت ڪارروائي ڪريو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پارليامينٽ جو اجلاس ختم ٿيندي ئي ايم اين ايز کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو ويو، اهڙو ماحول جوڙيو ويو ڄڻ ڪنهن پرڏيهي فوج حملو ڪري ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.