فيصل آباد( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد ۾ شيڊيول چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي ٽيم وولوز ۽ پينٿرز جي ڪپتان محمد رضوان ۽ شاداب خان ايونٽ کي علائقائي ڪرڪيٽ لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ٽورنامينٽ 12 کان 29 سپٽيمبر تائين اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ ڏيڍ سئو عالمي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ جا ٽاپ پرفارمر حصو وٺندا جڏهن ته افتتاحي ميچ پينٿرز ۽ وولوز وچ ۾ کيڏي ويندي.
چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻنهي ڪپتانن جو چوڻ هو ته ايونٽ ذريعي نئين ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ ۾ مدد مندي، ٻنهي ڪپتانن ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو عزم ورجايو.
وولوز جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته وولوز جي قيادت ڪرڻ تي پرجوش آهيان جيڪا هوم ٽيم پڻ آهي، اسان جي اڪيڊمي به ان ئي شهر ۾ قائم آهي.
هن چيو ته اميد آهي ته مقامي تماشائي ٽيم حمايت ڪندا ۽ اِها حمايت وولوز لاءِ اهم هوندي ڇو ته اسان پنهنجي هوم گرائونڊ ساڳيون رونقون ڏسڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ميگا ايونٽ دوران تماشائي اسان لاءِ 12 هين رانديگر جو ڪم ڪندا، عام طور تي اسان کي ڊوميسٽڪ مقابلن ۽ ٽيمن ۾ عالمي ۽ نوجوان رانديگرن جو اهڙو متحريڪ ميلاپ نظر ناهي ايندو.
ٻئي پاسي پينٿرز جي ڪپتان شاداب خان چيو ته هڪ سيزن جي شروعات ۾ هڪ ڏينهن واري ميچ کيڏڻ ڪيتري اهم آهي جنهن ۾ پاڪستان چئن مهينن دوران 15 ون ڊي ميچن ۾ حصو وٺندو.
You might also like