اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ ايريا ۾ ٺهيل ريسٽورنٽس جون نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ ريسٽورينٽس جي نظرثاني درخواستون خارج ڪري ڇڏيو ۽ نيشنل پارڪ ايريا ۾ ٺهيل ريسٽورينٽس بند ڪرڻ وارو پنهنجو فيصلو بحال رکيو آهي.
عدالت فيصلي ۾ نيشنل پارڪ ۾ قائم ريسٽورينٽس جي حق ۾ ڏنل آبزرويشنز واپس وٺي ڇڏي، عدالت ريسٽورينٽس کي ڪنهن ٻئي هنڌ ليز جي وقت ترجيح ڏيڻ واري آبزرويشن واپس وٺي ڇڏي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ قائم رسٽورينٽس طرفان رضاڪاراڻي طور ٽن مهينن اندر ريسٽورينٽس ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
عدالت ۾ خاطري باوجود نظرثاني درخواست عدالت سان مذاق ۽ توهين جوڳي آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سي ڊي اي کي چيو ته ڄاڻايل ريسٽورينٽس کي ٻين علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي ليز ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ ليز واري عمل ۾ ترجيح ڏيڻ واري پنهنجي فيصلي کي ختم ڪندي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ٻه مهينا اڳ نيشنل پارڪ پير سوهاوا روڊ تي مونال سمورن رسٽورينٽس ٽن مهينن اندر مڪمل ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
نظرثاني رد، اسلام آباد نيشنل پارڪ ۾ قائم ريسٽورينٽَ بند ڪرڻ وارو عدالتي فيصلو برقرار
Next Post
You might also like