ايپل طرفان آءِ فون 16 سيريز، ايپل واچ سيريز 10 ۽ ايئرپوڊز متعارف ڪيا ويا آهن.
نئين آءِ او ايس 18 تي ڪم ڪندڙ نئين آءِ فونز جي اِها سيريز آءِ فون 16، 16 پلس، 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس تي ٻڌل آهي.
اپيل انٽيليجنس سبب هي آرٽيفيشل انٽيليجنس( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي آڌاريل ڪمپني جا شروعاتي فونز آهن، پر انهن ۾ اي آءِ فيچرز فوري طور تي دستياب نه هوندا.
آءِ فون 16 ۽ 16 پلس
آءِ فون 16 ۾ 6.1 انچ جڏهن ته آءِ فون 16 پلس ۾ 6.7 انچ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي ۾ ٻن نون بٽڻن جو واڌارو پڻ ڪيو ويو ويو آهي، گذريل سال واري آءِ فون 16 ۽ 15 پلس ۾ اِهي بٽڻ موجود نه هئا.
ايڪشن بٽڻ ۽ ڪئمرا ڪنٽرول بٽڻ ذريعي واهپيدار گهڻو ڪجهه ڪري سگهندا، مثال طور ڪئمرا ڪنٽرول بٽڻ سان واهپيدار ڪئمرا ۾ نظر ايندڙ شين بابت تفصيل حاصل ڪري سگهندا يعني اِهو گوگل لينس جيان ڪم ڪندو.
ٻنهي فونز جي بيڪ تي ڊوئل ڪئمرا سيٽ اَپ آهي، ٻنهي جي مين ڪئمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جن سان 2 ايڪس زوم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ٻي 12 ميگا پڪسل ڪئمرا آهي جنهن ۾ آٽو فوڪس ۽ ميڪرو سپورٽ موجود آهي.
ايپل طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فونز ذريعي ڊي ايس ايل آر ڪئمرائن جهڙيون بهترين تصويرون ڪڍي سگهجن ٿيون، جڏهن ته ڪئمرا ڪنٽرول بٽڻ سان تصويرون ڪڍڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي.
فون جي اندر اي 18 چِپ موجود آهي ۽ ڪمپني موجب فونز گهٽ پاور استعمال ڪن ٿيون، ٻنهي لاءِ اي آءِ فيچرز ايندڙ مهيني متعارف ڪرايا ويندا.
ڪمپني موجب، ٻنهي فونز ۾ وڌيڪ وڏي بيٽري ڏني وئي آهي پر بيٽري جي لائيف دورانيي بابت ناهي ٻڌايو ويو.
ٻئي فونز وائٽ، بليڪ، الٽرا ميرين ( بليو ) ۽ گلابي رنگن ۾ دستياب هونديون.
آءِ فون 16 جي قيمت 799 ڊالرز ( ٻه لک ٻاويهه هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) جڏهن ته آءِ فون 16 پلس 899 ڊالرز ( ٻه لک 50 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) کان شروع ٿيندي.
آءِ فون 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس
آءِ فون 16 پرو 6.3 انچ جڏهن ته 16 پرو ميڪس 6.9 انچ جي ڊسپلي سان ليس آهي، حقيقت ۾ آءِ فون 16 پرو ميڪس ڪمپني جو سڀ کان وڏي ڊسپلي وارو آءِ فون آهي.
ٻنهي فونز جو فريم titanium مان تيار ڪيو ويو آهي جيڪي ڪاري، ناسي، ڳاڙهي، سونهري ۽ گلابي رنگن ۾ دستياب هونديون.
ٻنهي فونز جي اندر اي 18 پرو چِپ هوندي جيڪا اي آءِ فيچرز لاءِ ڪم ڪندي، آءِ فون 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس جي بيڪ تي ٽن ڪئمرائن جو سيٽ اَپ آهي، فونز جي مين ڪئمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏوگڏ 48 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 12 ٽيلي فوٽو ڪئمرائون ڏنيون ويون آهن.
ٻنهي ۾ 5 ايڪس زوم ڪرڻ ممڪن آهي جڏهن ته نئون ڪئمرا بٽڻ به ڏنو ويو آهي جنهن کي تصويرن ڪڍڻ ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
آءِ فون 16 پرو 128 جي بي، 256 جي بي، 512 جي ۽ ٽي بي اسٽوريج وارن ورزنز ۾ دستياب هوندو جڏهن ته 16 پرو ميڪس ۾ 256 جي بي، 512 جي بي ۽ هڪ ٽي بي اسٽوريج وارا آپشنز موجود هوندا.
ڪمپني موجب، ٻنهي آءِ فونز جي بيٽري لائيف کي بهتر بڻايو ويو آهي ته پر ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
وائرليس چارجنگ کي به پهريان کان بهتر بڻايو ويو آهي.
آءِ فون 16 پرو جي قيمت 999 ڊالرز ( ٻه لک 78 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) جڏهن ته آءِ فون 16 پرو ميڪس جي 1199 ڊالرز ( 3 لک 34 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) کان شروع ٿئي ٿي.
مٿي ڄاڻايل چارئي فونز 20 سپٽيمبر کان مختلف ملڪن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.
You might also like