لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي سندس عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ سرڪاري وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪهڙو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو هو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته درخواست ۾ نگران حڪومت طرفان نادرا چيئرمين جي مقرر وارو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو هو، درخواست رڳو نگران حڪومت واري نوٽيفڪيشن جي حد تائين محدود رهي.
سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذار ڪڏهن به نئين رول کي چئلينج ناهي ڪيو، جسٽس عاصم حفيظ تي ٻڌل هڪ رڪني بئنچ نادرا چيئرمين جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو تنهنڪري عدالت نادرا چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو سنگل بئنچ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.
عدالت سرڪاري وڪيل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ نادرا چيئرمين جي مقرر کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو سنگل بئنچ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ئي نادرا چيئرمين جي مقرريءَ خلاف درخواست منظور ڪندي ليفٽيننٽ جنرل منير افسر جي مقرري ڪالعدم قرار ڏني هئي.
You might also like