پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بابت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اٺ ڪلاڪ غائب رهڻ ۽ منظرعام تي اچڻ کانپوءِ بيان جاري ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد ۾ سرڪاري اختيارين سان ڊگهي ملاقات ٿي جنهن ۾ صوبي جي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ موجب، وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اسلام آباد جي اختيارين وچ ۾ جنهن جاءِ تي ملاقات ٿي اتي جيمرز هئڻ سبب موبائيل سروس معطل هئي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ علي امين گنڊاپور جي واپس پشاور پهچڻ جي تصديق ڪئي هئي.
ان کان اڳ خيبرپختونخوا حڪومت جي صلاحڪار بئريسٽر سيف وڏي وزير جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو هو.
پر سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا علي امين جي گرفتاري جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي گرفتار ناهي ڪيو ويو هو محفوظ آهي.
ياد رهي ته اسلام آباد جي سنگجاني ٿاڻي ۾ جلسي جي قاعدن ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ رياست مخالف تقريرن تي خيبرپختونخوا جو وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ ضلعي انتطاميا جي آفيسر کي ناحق بند رکڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.