پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، اسپيڪر جو ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جي احاطي مان ٿيل گرفتارين تي ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين طرفان پارليامينٽ هائوس مان گرفتارين کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واقعي تي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اياز صادق چيو ته ان معاملي تي هر صورت ۾ ايڪشن ورتو ويندو، نه رڳو سمورا گيٽس ( دروازا ) پر هر جڳهه جو وڊيوز طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن ذميوار جو تعين ڪري سگهجي.
اسپيڪر چيو ته پنهنجو پاڻ کي اڀاڳو سمجهان ٿو جو 2014ع ۾ هڪ پارٽي ۽ سندن ڪزن پارليامينٽ تي حملو ڪيو تڏهن به ساڳي عهدي تي هئس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.