جنرل (ر) فيض حميد خلاف سندس ويجهو برگيڊيئر گواهي ڏيندو

لاهور (معظم فخر) جنرل (ر) فيض حميد ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ۾ سمري آف ايويڊنس پيش ڪئي ويندي جنهن سان ڪارروائي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي. ثبوت سامهون اچڻ کانپوءِ جنرل (ر) فيض حميد کان ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ۾ پڇيو ويندو ته پيش ڪيل ثبوتن تي اوهان ڳالهائيندا يا مڃڻ کان انڪار ڪندا. سمري آف ايويڊنس کانپوءِ تفصيل جنرل (ر) فيض حميد جي وڪيلن سان شيئر  ڪيا ويندا ۽ گواهن جي لسٽ به ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ۾ پيش ڪئي ويندي. هڪ گواهي سندس لاءِ موت جو پيغام به ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ زندگي جي خوشخبري به ٿي سگهي ٿي. هڪ برگيڊيئر جنرل (ر) فيض حميد جو ويجهو هوندو هو. ٽاپ سٽي ڪيس ۾ امڪاني طور تي اها گواهي جنرل (ر) فيض حميد خلاف ٿيندي. اهو برگيڊيئر اڳ به بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.  جنرل (ر) فيض حميد خلاف هڪ نئين ڪارروائي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تحت ڪئي ويندي ۽ ان ڪارروائي جا نتيجا خوفناڪ ٿي سگهن ٿا. ابصار عالم پنهنجي هڪ پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ته جنرل (ر) فيض حميد حساس ڄاڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو. لطيف هال تي جيڪو ڇاپو هنيو ويو هو اتان اهڙي ڊيٽا ملي هئي. اها ڊيٽا جنرل (ر) فيض حميد جي رهائشگاهه تي موجود هئي. ان بنياد تي سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي ڪارروائي ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.