ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )سنڌ حڪومت منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي ڪراچيءَ جي ڪمشنر حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ڪاٺي، شيشي، پٿر، پلاسٽڪ ۽ ٻين شين جي وڪري تي پابندي لڳائي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته اها پابندي سنڌ ۾ منشيات جي استعمال خلاف جاري سندن جنگ ۾ هڪ اهم قدم آهي، نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻندا رهندا.