پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 8 ڪلاڪ غائب رهڻ کانپوءِ منظر عام تي اچي ويو، ساڻس رابطا به بحال ٿي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزيرعلي امين گنڊاپور رات دير سان اسلام آباد کان پشاور روانو ٿي ويو هو.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ علي امين گنڊاپور جي واپس پشاور پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ان کان اڳ خيبرپختونخوا حڪومت جي صلاحڪار بئريسٽر سيف وڏي وزير جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو هو.
پر سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا علي امين جي گرفتاري جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي گرفتار ناهي ڪيو ويو هو محفوظ آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد جي سنگجاني ٿاڻي ۾ جلسي جي قاعدن ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ رياست مخالف تقريرن تي خيبرپختونخوا جو وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ ضلعي انتطاميا جي آفيسر کي ناحق بند رکڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته پوليس گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، شعيب شاهين، شير افضل مروت، صاحبزادا حامد رضا ۽ زين قريشيءَ کي گرفتار ڪيو هو.
You might also like