فيض حميد جي مختلف ڪاروباري منصوبن ۾ 30 ارب رپين جي سيڙپ ڪاري؟

اسلام آباد(حامد مير) جنرل(ر) فيض حميد 2019ع کان 2021ع تائين ڪنهن جاسوس اداري جو نه بلڪه ڪنهن انڊر ورلڊ گينگ جو سربراهه هو، هڪ ڪاروباري شخصيت تي 2021ع ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوءِ فيض حميد پاڻ کيس فون ڪري چيو ته منهنجو فلاڻو آفيسر توهان کي فون ڪندو، ان جي ڳالهه ٻڌي وٺجو، پوءِ فيض حميد جي هڪ ماتحت ان ڪاروباري شخصيت کي فون ڪري چيو ته پنج ارب رپيا ڪيش جو بندوبست ڪريو،ذريعن موجب فيض حميد باقاعده هڪ ڊائري ۾ حساب ڪتاب لکي رکيو هو، ان قسم جون رقمون هو پنهنجي مختلف پارٽنرز جا حوالا رکندو هو ۽ هو انهن رقمن کي هائوسنگ اسڪيمن يا ٻين ڪاروباري منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو هو، ان ڊائري ۾ موجود تفصيلن مطابق فيض حميد مختلف ڪاروباري منصوبن ۾ 30 ارب رپين  جي سيڙپڪاري ڪري رکي هئي، اهي رقمون ڪنهن بئنڪ ذريعي ٽرانسفر ٿيون نه ڪنهن لکت ۾ معاهدي ۾ انهن جو ذڪر آيو، فيض حميد جو هڪ بزنس پارٽنر هاڻي اهو چاهي ٿو ته فيض کي اهڙي سزا ٿئي ته هو ايندڙ ڏهه پندرهن سالن تائين ٻاهر نه اچي،جيئن ان کي حساب ڪتاب نه گهري جڏهن ته جنرل(ر)باجوا فيض حميد کي هڪ طرف سياسي جوڙ توڙ ۾ استعمال ڪيو ٻئي پاسي ان ذريعي پنهنجي ڪيترن ئي ذاتي مفادن جو تحفظ به ڪيو،جنرل باجوا ۽ فيض حميد جي سياست ۾ کلي عام مداخلت ۽ بليڪ ميلنگ جو سڀ کان وڏو گواهه وزيراعظم شهبازشريف آهي،ٻيو گواهه صدر آصف علي زرداري آهي، هو پي ٽي آءِ اڳواڻن کي به بليڪ ميل ڪندو رهيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.